اسلام آباد(بيورو+م ڊ) گهرو وزارت فيصلو ڪيو آهي ته مدو ختم قومي سڃاڻپ ڪارڊزتي جاري ڪيل سڀئي موبائل سمون فوري طور بلاڪ ڪيون وينديون،فيصلي موجب پهرين مرحلي ۾ 2017 يا ان کان اڳ جاري ٿيل شناختي ڪارڊن تي رجسٽر ٿيل سمون بند ڪيون وينديون، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ سمون بلاڪ ڪرڻ بابت حتمي فيصلو ڪيو ويو، ان موقعي تي نادرا چيئرمين اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته فوت ٿيل شهرين يا مدو ختم ٿيل شناختي ڪارڊن تي جاري ٿيل سمون کي بلاڪ ڪيو پيو وڃي، هن خبردار ڪيو ته شهرين جي بايوميٽرڪ ۽ حساس ڄاڻ چوري يا غلط استعمال جي خطري ۾ آهي، ان لاءِ نادرا جي محفوظ ۽ تصديق ٿيل ڊيٽابيس مان فائدو وٺندي "فيس ريڪاگنيشن” نظام لاڳو ڪيو ويندو،ان موقعي تي وفاقي وزير داخلا محسن نقوي نادرا هيڊڪوارٽر جو دورو به ڪيو ۽ اسلام آباد جي سيڪٽر آءِ-8 ۾ 10 ماڙ نادرا ميگا سينٽر جو سنگِ بنياد رکيو.