ڳڙھي خيرو(ن ع آ)ڳڙھي خيرو جي شھيد صحافي سيد محمد شاھ جي ڳڙھي خيرو لڳ ڳوٺ الطاف شاھ ۾ جنازه نماز ادا ڪئي وئي، جنازه نماز ۾ صحافين، شھرين، سياسي سماجي اڳواڻن توڙي عزيزن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنازه نماز بعد کيس سڏڪن ۽ آلين اکين ۾ اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، صحافين جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ڳڙھي خيرو پوليس جو ڪردار انتھائي مشڪوڪ رهيو، شھادت واري واقعي کان ھن وقت تائين ڪٿي به پوليس جو ڪردار صاف نظر ڪو نه آيو آھي،پوليس صرف خانا پوري ڪرڻ لاءِ پھرين ڏينھن واقعي واري ھنڌ ڪجهه پوليس اھلڪار پھتا ۽ لاش کڻائي تعلقا اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري واپس ٿيا، ايڏو وڏو واقعو پيش اچڻ باوجود ڳڙھي خيرو جو ڊي ايس پي امام بخش بروھي توڙي ايس ايڇ او ڳڙھي خيرو معشوق شر شھيد صحافي وٽ لڙي نه آيا ھوڏانھن صحافي کي گوليون ھڻي شھيد ڪندڙ جوابدار پاڻ کي به گولي ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو. ، جنھن کي ڳڙھي خيرو پوليس رات دير سان زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري فرسٽ ايڊ بعد کيس لاڙڪاڻي ريفر ڪري جوابدار کي آءِ ايس يو ۾ داخل ڪيو ويو آھي، هوڏانهن ڳڙھي خيرو ٿاڻي تي شھيد صحافي محمد شاھ جي قتل جو ڪيس سندس پٽ عامر شاھ جي فرياد تي جوابدار عبدالحسين عمراڻي ۽ 3 نامعلوم ماڻھن خلاف قلم 302 گناھ نمبر 109،34 تحت داخل ڪيو ويو آھي، جوابدار لاءِ اھي چوٻول آھن ته جوابدار ذھني مريض آھي جنھن ڪجھه ڏينھن اڳ پنھنجي گهرواي کي به قتل ڪيو ھو ۽ پوليس کيس گرفتار پڻ ڪيو ھو، بي پاسي شھيد صحافي سيد محمد شاھ جي تڏي تي موجود صحافين توڙي سياسي سماجي اڳواڻن پ ٽ الف اڳواڻ شھزاد ڀٽي،شھيد ڀٽو اڳواڻ محمد پناھ جمالي، ايس ٽي پي اڳواڻ حاجي ميھر ديناري، جي يو آءِ اڳواڻ مولانا اسدالله حيدري، صحافين ٽڪاخان لغاري، منظور جان بروھي، ثناءالله بروھي، شاھمراد کنڊ، محمد يحي’ بروھي ۽ ٻين جو چوڻ ھوته شھيد صحافي سيد محمد شاھ سٺي ڪردار ۽ سٺي ساک جو مالڪ ھو،ھن سدائين پنھنجي قلمي پورھئي ذريعي غريب ۽ بي پھچ ماڻھن نه صرف ڀرجھلو ھو پر سندس آواز کي اعلي’ ايوانن تائين پھچايو، ھو سدائين مظلومن جو ساٿاري رھيو، هنن چيو ته سنڌ اندر جھڙي نموني سان صحافين کي ٽارگيٽ ڪري شھيد ڪيو پيو وڃي يقينن ان ۾ حڪومت جي ناڪامي صاف نظر اچي رھي آھي، تعلقه يونين آف جنرلسٽ پريس ڪلب ڳڙھي خيرو طرفان واقعي تي 10 سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آھي.