ايس بي سي اي جي مبينا زيادتين خلاف عورت وڪيل عدالت پهچي وئي

ڪراچي (رپورٽر)عورت وڪيل ايس بي سي اي خلاف هراسان ڪرڻ جو الزام لڳائي ڇڏيو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ،عدالت ايس بي سي اي ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، درخواست جي ٻڌڻي گرمين جي موڪلن کان پوءِ تائين ملتوي ڪئي وئي، درخواستگذار جي وڪيل  موقف اختيار ڪيو ته عورت وڪيل جو ناظم آباد علائقي ۾ گهر ۽ آفيس آهي، ايس بي سي اي آفيسر عورت وڪيل کي هراسان ڪري رهيا آهن،جسٽس اقبال ڪلهوڙي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته توهان هر مسئلي تي ڌرڻو هڻي رهيا آهيو، توهان هن مسئلي تي به ڌرڻو ڇو نه ڏنو؟ عدالت چيو ته اسان کي رپورٽ ملي آهي . ته وڪيل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪندا آهن، عدالت پڇاڻو ڪيو ته توهان سنڌ هاءِ ڪورٽ بار، سان به رابطو نه ڪيو.وڪيل چيو ته اسان قانوني رستو اختيار ڪيو آهي. ، ايس بي سي اي عملدارن کي درخواست ڏيندڙ کي هراسان ڪرڻ کان روڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.