حاجي عبدالعزيز ڪلھوڙو ھڪ اهڙو تاريخ ساز اُستاد آهي ، جنهن هزارين شاگردن جي زندگيءَ کي تعميري رُخ ڏنا ، انهن کي خواب ڏسڻ ، سوچڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو حوصلو ڏنو ۽ رھنمائي فرمائي. سائين جي زندگيءَ جي ڪهاڻي ڪا عام ڪهاڻي ناهي ، اها ته عزم ، قرباني ۽ عشقِ تعليم جي اهڙي روشني آهي ، جيڪا نه رڳو وقت سان بي مثال رهي ، پر ايندڙ نسلن لاءِ به هڪ مشعلِ راھ بڻجي وئي آهي . ڳوٺ راوڻ جي عبدالحق ڪلھوڙو جي گهر ۾ ، هڪ ٻار عبد العزيز جنم ورتو ، جنهن جي اکين ۾ خواب هئا ، دل ۾ ساٿ ۽ تقدير ۾ تعليمدان ٿيڻ لکيل هو . اها ولادت فقط هڪ ٻار جي نه هئي ، پر اها ڄمڻي / جنم ، ڄڻ علم جي خدمت ، سماج جي سڌاري ۽ انساني قدرن جي جيئري جاڳرتي جي شروعات هئي .جنهن گهر مان اها معصوم مسڪراهٽ ڦٽي ، اُن گهر لاءِ به فخر جو مقام بڻجي ويو . هي نينگر وقت سان رڳو وڏو نه ٿيو ، پر سندس سوچ به وڌي ، سندس جذبو به پختو ٿيو ۽ هڪ ڏينهن هو علم جي روشني بڻجي هزارين ذهنن کي روشن ڪرڻ لڳو . سندس سفر سادو نه هو ، پر ھمت، اٽل اردان قربانين ، ڀرپور جدوجهد ۽ عشقِ تعليم سان ڀريل ھو . اڄ جڏهن سندس نالو , عزت ، شھرت علم ۽ انساني خدمت جي علامت بڻجي چڪو آهي ، تڏهن به سندس عاجزي ۽ نرم دلي ائين ئي برقرار آهي ، جيئن اُن معصوم نينگر جي اکين ۾ هوندي هئي ، جيڪو ڳوٺ جي گرمين ۽ سردين ۾ به علم جي ڳولا لاءِ اُڃايل هوندو هو . اُهو ڏينهن به ڪهڙو مقدس لمحو هو ، جڏهن هيءَ روشن روح ، رسمي طور تعليم کاتي ۾ استاد طور مقرر ٿيو . ڄڻ علم جي عبادت لاءِ کيس هڪ مقدس ذميواري سونپي ويئي . اهو رڳو نوڪري نه هئي ، پر هڪ سڏ هو ھڪ قومي ذميواري ھئي , رب پاڪ طرفان کيس علم جي روشني ورهائڻ ، ذهنن کي بيدار ڪرڻ ۽ تقديرن کي سنوارڻ لاءِ چونڊيو ويو .
جيئن ئي حاجي عبدالعزيز ڪلھوڙو صاحب تعليم جي ميدان ۾ پير پاتو ، تئين ڄڻ ڪو جوش جذبو ۽ اتساھ ڀرڻ وارو لمحو اچي ويو . ٻارڙن جي اڻ پڙهيل اکين ۾ اميد جا ڏيئا ٻري اُٿيا ، ڪلاس روم جي خاموش ڀتين تي علم جي صدا گونجي ۽ سندس موجودگي ڄڻ هڪ روشن صبح جو پيغام بڻجي وئي . پاڻ استاد ٿيا ، پر رڳو ڪتاب پڙهائڻ وارو نه ، پر زندگي پڙهائڻ وارا , دلين کي سمجهڻ وارو ، خوابن کي حقيقت ڏيڻ وارو ۽ هر شاگرد لاءِ اُهو شخص ، جنهن جي اڳيان وقت به سر جھڪائي ٿو . سندس پهريون قدم تعليم جي ميدان ۾ ، اُنهي سفر جي شروعات هئي ، جنهن سان نه رڳو سندس زندگي جو مقصد پورو ٿيو ، پر انهن هزارين شاگردن جي تقدير به بدلجي ويئي ، جن جي ذهنن ۾ هن اميد ، روشني ۽ حوصلي جا رنگ ڀريا . ھو رڳو استاد نه رهيو ، پر جڏهن استاد تنظيم گسٽا ۾ اڳواڻ طور چونڊيو ويو ، تڏهن ڄڻ ته اُنهي ذميواريءَ جي نئين معنيٰ سان پاڻ کي وابسته ڪري ڇڏيو . هن نه رڳو پنهنجا فرض نڀايا ، پر هر استادن جو آواز بڻجي ، سندن مسئلن ، اميدن ۽ حقن جي جنگ نه رڳو وڙهي پر محبت ، حڪمت , جرئت ۽ ثابت قدمي سان کٽي ڏيکاريا . سندس متحرڪ اڳواڻيءَ ۾ تنظيم هڪ اهڙي آواز بڻجي وئي ، جيڪا نه رڳو حڪام تائين پهتي ، پر دلين ۽ تاريخ ۾ به زندھ ۽ جاويد ٿي وئي . هن اختلافن کي اتفاق ۾ بدلايو ، مايوسيءَ کي حوصلي ۾ ڦيرايو ۽ استاد برادريءَ کي هڪ مضبوط ڀائيچاري ۾ جڪڙي ڇڏيو . .
ستاد هجڻ سندس سڃاڻپ هئي ۽ آفيسر هجڻ سندس قابليت وسعت ۽ سعادت.هن نظام کي سمجهيو ۽ سنواريو . رڳو پاليسيون ٺاهيون ۽ ميدان ۾ لهي عمل پڻ ڪرايو . حاجي عبدالعزيز ڪلهوڙو صاحب جو سفر اسان لاءِ اهو پيغام آهي ته :جيڪڏهن نيت صاف ، جذبو سچو ۽ عشق تعليم سان هجي ، ته استاد به آفيسر بڻجي سگهي ٿو ۽ آفيسر به پنهنجو استاد ئي بڻائي سگهي ٿو . حاجي عبدالعزيز ڪلهوڙو صاحب بحثيت تعلقه ايجوڪيشن آفيسر تعلقه پنو عاقل جي قيادت ۾ علم جو نئون سورج . "پنو عاقل ، جتي علم جي روشني کي ڪيترن ئي رڪاوٽن ، گهٽ وسيلن ۽ وساريل علائقن مان گذرڻو پوندو هو ، اُتي جڏهن عؤحاجي عبدالعزيز ڪلھوڙو صاحب تعلقه ايجوڪيشن آفيسر تعلقه پنو عاقل طور مقرر ٿيا ، تڏهن تعليمي ادارن کي نئين سر اتساه مليو . ِها حقيقت آهي ته وقت گذري ويندو آهي ، حالتون بدلجنديون آهن ، پر اهڙن ماڻهن جي خدمتون ، جذبا ۽ قربانيون وقت جي لهرن ۾ به ڪڏهن وساري نٿيون سگھجن . هي تعليمي شخصيت ، جيڪا پنهنجي علم ، اخلاص ۽ عزم سان هزارين ذهنن کي روشن ڪري وئي ، اُن جو نالو سنڌ جي تعليمي تاريخ ۾ هميشه احترام سان لکيو ويندو .