اسلام آباد(بيورو/م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزارت ملڪ ۾ مهانگائي وڌڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. ماهوار معاشي اپڊيٽ ۽ آئوٽ لُڪ رپورٽ ۾ ناڻي واري وزارت چيو آهي ته جون 2025 ۾ مهانگائي جي شرح وڌي 3 سيڪڙو کان 4 سيڪڙو جي وچ ۾ رهي سگهي ٿي. ناڻي وزارت موجب، مئي 2025 دوران مهانگائي جي شرح 1.5 سيڪڙو کان 2 سيڪڙو جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي. ناڻي وزارت جي رپورٽ مطابق، ترسيلات زر، برآمدات ۽ درآمدات ۾ هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. آئوٽ لُڪ رپورٽ موجب، جولاءِ کان اپريل تائين ڪرنٽ اڪائونٽ ۾ 1 ارب 88 ڪروڙ ڊالر جو سرپلس رهيو، جڏهن ته سڌي ريت غير ملڪي سيڙپڪاري ۾ گهٽتائي آئي. ان عرصي دوران اسٽيٽ بئنڪ جي ذخيرن ۾ واڌ پڻ رڪارڊ ڪئي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جولاءِ کان اپريل 2025 تائين ترسيلات زر 30.9 سيڪڙو جي واڌ سان 31 ارب 21 ڪروڙ ڊالر تائين پهتيون، برآمدات ۾ به 10 مهينن دوران 6.8 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته درآمدات 11.8 سيڪڙو وڌي ويون. ساڳئي عرصي دوران برآمد جو انگ 27 ارب 27 ڪروڙ 60 لک ڊالر رهيو، جڏهن ته درآمدات 48 ارب 62 ڪروڙ ڊالر رڪارڊ ٿيون. سڌي غير ملڪي سيڙپڪاري 2.8 سيڪڙو جي گهٽتائي سان 1 ارب 78 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ رهي.