شاگردن کي هراسان ڪرڻ بند ڪريو:سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي

ڄامشورو(رپورٽ: صدر الدين جوڻيجو ) سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشورو ۾ پريس  ڪانفرنس دوران ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ درياھ تي ڌاڙي خلاف جدوجهد تيز ڪرڻ جو اعلان ڪندي موري جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي، هنن چيو آهي ته ٻٻرلوءِ جي ڪامياب اجتماعي ۽ قومي ڌرڻي بعد سنڌ جي اجتماعي ۽ قومي جدوجهد کان خوفزده ٿي رياست تشدد جي بيجا استعمال تي لهي آئي آهي! جنهن ۾ قومي ڪارڪنن کي کنڀڻ، دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪرڻ، قبائلي تڪرارن کي وڏيرن ذريعي هٿي وٺرائڻ، شهرن، ڳوٺن اندر بدامني ۽ گنڊا راڄ ڦهلائڻ شامل آهن، جنهن جو لقاءُ موري ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌو درياهه تي ڌاڙي خلاف لڳندڙ ڌرڻي تي تشدد جي صورت ۾ نظر آيو، جتي عرفان لغاري ۽ زاهد لغاري کي نه صرف شهيد ڪيو ويو پر شهيد عرفان لغاريءَ جو لاش کنڀي گم ڪيو ويو، ڳوٺ لغاري بجاراڻي تي ڪيترن ئي ڏينهن کان پوليس ۽ رياستي ادارن جو ڪڙو چاڙهيو ويو آهي! هن چيو ته موري ۾ شهيد نوجوان ڪنهن ٻي جا نه پر سنڌ جا ايجنٽ هئا، سموري سنڌ مان نوجوانن کي گم ڪيو پيو وڃي، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ درياهه تي ڌاڙو منظور ناهي، سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيا ويندا، تعليمي ادارن ۾ شاگردن کي حراسان ڪرڻ بند ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.