ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي جي گرومندر واري علائقي اهلڪار عبدالحفيظ پاران هٿيار کڻي اسڪول ۾ داخل ٿي ماسترياڻين تي مبينا تشدد ۽ هراسان ڪرڻ جي واقعي کانپوءِ جوابدار خلاف جمشيد ڪوارٽر ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس مطابق واقعي جي شروعات ان وقت ٿي جڏهن شاگردياڻي ايشل شاهد پنهنجي ماءُ، پيءُ ۽ مامي عبدالحفيظ سان گڏ اسڪول آئي، جتي مامي ماسترياڻين سان بدتميزي ۽ ڌمڪيون ڏنيون، متاثر ماسترياڻي سارا اقبال جي فرياد تي جمشيد ڪوارٽر ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي