زهريلو کير پيئڻ سبب چئن ڀاتين جي فوت ٿيڻ تي سوڳ

پير جوڳوٺ (رپورٽ: وسيم سنڌي) پير ڳوٺ جي هندو پاڙي م زهريلو کير واپرائڻ سبب فوت ٿيل عورت بيئا ڪماري، سندس ٻه پٽ ڪائروو ڪمار، منت ڪمار، ۽ ويجهي عزيز اڍائي ورهين جي سمر ڪماري جي فوت ٿيڻ بعد گهرن ۾ ڪهرام متل آهي ۽ شهر ۾ خوف حراس پکڙيل آهي، جڏهن ته 4 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جو هن وقت تائين ڪنهن به نوٽيس نه ورتو آهي نه ئي وارثن وٽ ضلعي عملدار پهتو آهي، وارثن جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين اسان  وٽ ڪير به ناهي پهتو، 4 ڄڻا فوت ٿيا آهن ڪنهن نوٽيس به ناهي ورتو. جلد ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلي پاڻي، کير، کاڌي پيتي جي شين جي چڪاس ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي. واضح رهي ته 2 ڏينهن اڳ زهريلو کير واپرائڻ سبب نينگر ڪائروو ڪمار فوت ٿيو هو، گذريل ڏينهن کير پيئڻ سبب بيهوش ٿيل سندس امڙ، ڀاءُ،۽ ويجهي عزيز فوت ٿي ويا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.