عيد تائين کنڊ جي اگهه ۾ عارضي رعايت تي اتفاق

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) خوراڪ تحفظ ۽ ريسرچ ۽ شوگر ملز مالڪن وچ ۾ ٿيل اهم اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته  عيدالاضحى تائين کنڊي جي قيمتن ۾ عارضي رعايت ڏني ويندي، جڏهن ته قيمتن جي شفاف تعين لاءِ آڊٽ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو آهي،وفاقي وزير رانا تنوير حسين جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ شوگر ملز مالڪن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين شرڪت ڪئي،اجلاس ۾ ڄاڻايو ويو ته پيداوار جي لاڳت کي شفاف بڻائڻ لاءِ حڪومت ۽ شوگر ملز مالڪ گڏجي ڪنهن غيرجانبدار آڊٽ فرم جون خدمتون وٺنديون،وزارت جي پڌرائي مطابق آڊٽ رپورٽ ۽ ڌرين جي مشاورت جي روشنيءَ ۾ عيد کانپوءِ کنڊ جي نئين قيمت جو تعين ڪيو ويندو. اهو قدم قيمتن کي شفاف، منصفاڻي ۽ انگن اکرن جي بنياد تي طئي ڪرڻ لاءِ کنيو ويو آهي.

  • ڪارپوريٽ  فارمنگ خلاف بدين ۾ احتجاجي ريلي

بدين (رپورٽ: رازق  ڏنو کوسو) سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان ڪارپوريٽ  فارمنگ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضن خلاف کوسڪي روڊ کان ريلي ڪڍي ايوان صحافت اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻن شاهنواز سيال علي حيدر پنهور  غلام قادر مراداڻي رسول بخش چانگ ياسر سيال ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت سدائين سنڌ خلاف سازشون ڪندي رهي آهي ڪڏهن سنڌو درياءَ مان غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ جا منصوبا جوڙيا وڃن ٿا ڪڏهن وري سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪري هزارين سال قديمي ويٺل ماڻهن کي بي دخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ اندر غير قانوني طور زمينن تي قبضا فوري ختم ڪيا وڃن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ تحت ملندڙ دشمن منصوبا فوري رد ڪري سنڌ جي ماڻهن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي

  • افغان طالبان پاران فتنه الخوارج کي تبيهه جاري

ڪابل(م ڊ) افغان طالبان جي ڪمانڊر سعيدالله سعيد پوليس اهلڪارن جي پاسنگ آئوٽ تقريب دوران خطاب ڪندي فتنه الخوارج  نالي گروهه کي سخت ۽ تبيهه جاري ڪيو آهي،ڪمانڊر سعيد پنهنجي تقرير ۾ چيو  امير جي حڪم جي ابتڙ ڪنهن به ملڪ، خاص طور تي پاڪستان ۾ جنگ ڪرڻ جائز ناهي، هن زور ڀريو ته جيڪي ماڻهو مختلف گروهن سان لاڳاپو رکي، پرڏيهي ملڪن ۾ مبينا ’جهاد‘ ڪن ٿا، اهي حقيقي مجاهد ناهن، ڪمانڊر سعيدالله واضح ڪيو ته هڪ هنڌان ٻي هنڌ حملا ڪرڻ وارن کي مجاهد چوڻ غلط آهي،  جهاد جو اعلان يا اجازت صرف رياستي امير جو اختيار آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.