اسلام آباد(منصور علي خان) انصار عباسي اسٽوري ڏني آھي تھ عمران خان جو مستقبل تاريڪ نظر اچي رھيوآھي ان وقت آمريڪا مان آيل ڊاڪٽرن جو وفد ڪنھن وقت بھ اڊيالا ۾ ساڻس ملاقات ڪري سگھي ٿو.عمران خان کي وفد جي خبر آھي ۽ وفد ڄاڻي ٿو تھ ھو ملاقات ڪرڻ گھري ٿو اھا خاموش سفارتڪاري آھي عمران خنا کي رليف ڏيارڻ لاءِ.علي امين گنڊاپور پاڪستان امد کان اڳ ئي ان وفد سان رابطي ۾ ھيو.وفد جيڪنھن وڏي عھديدار سان في الحال ملاقات ناھي ٿي سگھي.منھنجي خبر مطابق يا ان وفد جو اھم ميمبر يا پورو ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ واپس وڃي رھيوآھي.ٻئي پاسي شوڪت يوسفزائي چيو آھي تھ ڪي پي جي پي ٽي آئي حڪومت کي ڊاھڻ جي سازش ٿي رھي آحي./ ورڪرن ۾ مايوسي آھي ڪنھن کي بھ اعتماد ۾ نھ پيو ورتو وڃي.پي پي جو ڪرپشن خلاف احتجاج قيامت جي نشاني آھي.صوبي ۾ گورنر راڄ جي چال ھلي رھي آھي.بيرسٽر گوھر جي قيادت تي خدشا آھن.