اسلام آباد(م ڊ)پاڪستان ۾ يومِ تڪبير جو ڏينهن قومي جذبي سان ملهايو ويو ملڪ جي مختلف شهرن اسلام آباد، ڪراچي، لاهور، سکر، جامشورو، گوجرانواله، ساهيوال ۽ ٻين هنڌن تي ريليون ڪڍيون ويون، تقريبون ٿيون، ۽ ملڪ کي ايٽمي قوت بڻائڻ تي سائنسدانن ۽ پاڪ فوج کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، اسلام آباد ۾ پوليس لائنز هيڊڪوارٽر تي خصوصي تقريب ٿي، جتي آءِ جي اسلام آباد شرڪت ڪئي، تقريب ۾ يوم تڪبير جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو، يونائيٽيڊ ٽرانسپورٽ سروسز پاران به ريلي ڪڍي وئي ۽ پاڪ فوج جي خدمتن کي ساراهيو ويو،ڪراچي ۾ بلديه عظميٰ پاران وڏي ريلي منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ ڪي ايم سي جي ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ڪي ايم سي جي ريسڪيو ٽيم ۽ لائيف گارڊز به پنهنجيون تقريبون منعقد ڪيون، هوڏانهن لاهور جي جنرل اسپتال جي ڊاڪٽرن پاران ريلي ڪڍي وئي، پاڪ فوج جي حق ۾ نعرا هنيا ويا، ٻئي پاسي مري، بهاول نگر ، ڪوهاٽ، رحيم يار خان، سکر، ڄامشورو، گوجرانوالا، شيخُوپورا ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون ڪڍي پاڪ فوج جي حق ۾ نعريبازي ڪئي وئي.