ڊاڪٽر عبدالقدير پاڪستان لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ چاهيو، پر ڪرڻ نه ڏنو ويو:ڌيءَ

لاهور(بيورو+م ڊ)محسنِ پاڪستان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي ڌيءَ ڊاڪٽر دينا خان چيو آهي ته سندن والد پاڪستان لاءِ تمام گهڻو ڪجهه ڪرڻ چاهيو ٿي، پر کين اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ نه ڏنو ويو،لاهور ۾ يومِ تڪبير جي موقعي تي انسٽيٽيوٽ  آف انجينئرز پاڪستان ۾ ٿيل تقريب دوران ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي،ان موقعي تي ڊاڪٽر دينا خان پنهنجي والد جي ملڪ ۽ قوم لاءِ خدمتن بابت ڳالهائيندي سندن زندگي جي ڪجهه لڪل پهلوئن کان به آگاهه ڪيو، هن چيو ته اڄ جي اسان جي آزادي ڊاڪٽر عبدالقدير خان ۽ سندن ٽيم جي مهرباني آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر عبدالقدير سان گڏ ڪم ڪندڙ انجنيئرز کين وقت جو "ولي” قرار ڏيندا هئا، ڊاڪٽر دينا خان چيو ته سندس والد جا ساٿي چوندا هئا ته ڊاڪٽر عبدالقدير کي پنهنجي ذات سان نه، پر انسانيت ۽ پنهنجي ملڪ سان بي پناهه محبت هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.