”امن، انصاف ۽ اعليٰ قدرن لاءِ گڏ آهيون“ پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان ۾ اتفاق

لاچين(م ڊ) پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ٻيو ٽه ڌريو اجلاس آذربائيجان جي شهر لاچين ۾ ٿيو، جنهن ۾ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف، ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان ۽ پاڪستان  جي وزيراعظم شهباز شريف شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٽنهي ڀائيواري ملڪن جي وچ ۾ دفاعي، معاشي، سياسي ۽ سفارتي تعاون کي وڌائڻ تي زور ڏنو ويو. اجلاس ۾ ٽنهي ملڪن جي اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي مضبوط ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. آذربائيجان جي صدر اعلان ڪيو ته سندو ملڪ پاڪستان ۾ 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف اجلاس دوران خطاب ڪندي آذربائيجان جي صدر ۽ عوام کي آزادي ڏينهن جي واڌايون ڏنيون ۽ بهترين ميزباني تي صدر الهام عليوف جو شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته سچن دوستن سان گڏ هئڻ خوشيءَ جي ڳالهه آهي. هن چيو ته پاڪستان خوش نصيب آهي جو ان وٽ ترڪي ۽ آذربائيجان جهڙا سچا دوست موجود آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان ٽئي ملڪ اعليٰ قدرن، امن ۽ انصاف لاءِ گڏ بيٺل آهيون. آذر بائيجان جي صدر الهام عليوف چيو ته پاڪستان، ترڪي ۽ آذربائيجان گڏيل تاريخ ۽ شفافيت سان جُڙيل آهن. هن چيو ته 2020 جي جنگ دوران ترڪي ۽ پاڪستان اسان جي مدد ڪئي، جنهن لاءِ اسان ٿورائتا آهيون. ن اعلان ڪيو ته آذربائيجان پاڪستان ۾ 2 ارب ڊالر سيڙپائيندو، ۽ ان حوالي سان مختلف منصوبن جو جائزو ورتو پيو وڃي. صدر عليوف دفاعي تعاون، سياحت ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي شعبن ۾ تعاون جا وڏا امڪان موجود آهن ۽ اهو تعاون علائقائي استحڪام لاءِ انتهائي ضروري آهي. ترڪ صدر رجب طيب اردگان آذربائيجان کي آزادي ڏينهن تي واڌايون ڏنيون ۽ چيو ته هي ٻيو ٽه طرفي اجلاس ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچاري ۽ اعتماد تي ٻڌل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ڏانهن هڪ اهم قدم آهي. ن چيو ته ترڪي، پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي. صدر اردگان پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ جي حوالي سان وزيراعظم شهباز شريف جي دانائي ڀري اڳواڻي جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته جنگبندي اطمينان جوڳي ڳالهه آهي. تقريب ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار فيلڊ مارشل عاصم منير، وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ ۽ خاص مددگار طارق فاطمي پڻ موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.