سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ پاڻي جو تڪرار 1859ع ۾ شروع ٿيو ھو، جڏهن سنڌو درياهه تي پاڻي جي استعمال بابت تعمير ڪم شروع ٿيا. شروعاتي تڪرار زراعت ۽ ترقي جي نالي ۾ پاڻي کي موڙڻ بابت مرڪوز هئا.
انهن تڪرارن کي نبيرڻ لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪيا ويا، جن ۾ اينڊرسن ڪميٽي (1935) ۽ رائو ڪميشن (1942) شامل آهن. 1945ع ۾، سنڌ پنجاب ۾ پاڻي معاهدو تي صحيحيون ڪيون ويون.ان ٺاھ ۾ درياھ جي ھيٺين ۽ مٿئين پاسي جي پاڻي کڻندڙن وچ ۾ برابر ورڇ جي اصول کي درست طور تسليم ڪيو ويو. جنھن ۾ پاڻي جي ورڇ لاءِ هڪ ناصاف ڀريو بنياد رکيو ويو.
ان معاهدي ھئڻ باوجود، ورهاڱي کان پوءِ جي دور ۾ وڌيڪ چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو. 1960ع جي سنڌو پاڻي معاھدي ( انڊس واٽر ٽريٽي ) جنھن۾ عالمي بينڪ ٽياڪڙي جو ڪئي.ان ۾ ھندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ انڊس بيسن جي ڇهن دريائن ڪنهن به ماحولياتي اثر جي نشاندھي کان سواءِ ورهايو ويو. ان ورڇ ۾ درياھ جي هيٺن پاسي کان پاڻي کڻندڙ ڪميونٽي جي ماحولياتي ۽ سماجي ضرورتن، انهن جي ثقافت ۽ هزارين سالن جي تهذيب ۽ طاس جي ماحولياتي نظام ( ايڪو سسٽم)کي مڪمل نظرانداز ڪيو ويو.
وڏي پيماني تي پاڻي جي بنيادي ڍانچي جي تعمير، ڊيمن، بئراجن، ڪينال، ۽ لنڪ ڪينال جي اڏاوت ڪئي وئي.جن بنيادي طور تي پنجاب کي فائدو پهچايو ۽ سنڌ ۽ بلوچستان کي مڪمل طور محروم ڪيو.
انڊس ڊيلٽا ( ڇوڙ واري ڀاڱي) لاءِ ان معاھدي جا مجموعي اثر تباهي ڪندڙ رهيا آهن: جنھن ۾ لڳاتار سمنڊ جو زمين پائڻ،مٿاڇري جي گدلاڻ ، روزگار کان محرومي ۽ سامونڊي ڪناري ۽ دريائي آبادي تي ڀاڙيندڙن جي لڏپلاڻ شامل آھي. عالمي اداري IUCN جي رپورٽن اھڙي تباهي واري صورتحال کي دستاويز ڪيو آهي، جنهن ۾ وڏي پيماني تي حياتياتي نمونن کي پھتل نقصان ۽ ماحولياتي نظام جي ناڪامي جو حوالو ڏنو ويو آهي.
1991ع جي صوبن وچ ۾ پاڻي جو ٿيل ٺاھ، اڻ چونڊيل صوبائي حڪومتن دستخط ڪيو،جنھن سان سنڌ جي محرومي اڃان وڌي وئي. اھو ٺاھ برابري جي بنياد تي پاڻي جي حصي ۽ ماحولياتي جٽاءَ جي اصولن کي برقرار رکڻ ۾ ناڪام ٿيو، نتيجي ۾ وڌيڪ تڪرارن ۽ ناانصافين جنم ورتو. عالمي بينڪ جي هڪ جائزي موجب، خطو پاڻي جي جنگ جي ڪنڌي تي پھتل آهي، جتي اسٽيڪ هولڊر پاڻي جي هر ھڪ ڦڙي لاءِ وڙهندا ۽ ان جا شروعاتي مظهر سنڌ ۾ اڳ ئي ظاهر ٿي چڪا آهن.
1960ع واري انڊس واٽر ٽريٽي ۽ 1991ع جي پاڻي ٺاھ ٻنھي پاڻي جي عالمي قانون ۽ ماحولياتي ڪنوينشن جي لتاڙ ڪن ٿا. اهي دريائن جي قدرتي وهڪري، ماحولياتي نظام کي برقرار رکڻ ۽ مختلف قسمن جي جاندار جي اوسر ۽ واڌ ويجھھ جي بنيادي حقن کي نظرانداز ڪن ٿا.
اھم مطالبا: 1860 واري پراڻي سنڌو پاڻي معاهدي ۽ 1991ع واري پاڻي معاهدي کي ختم ڪيو وڃي.
1945ع جي سنڌ پنجاب پاڻي معاهدي ۾ طئي ڪيل برابر پاڻي جي حصي واري اصولن تي سختي سان عمل ڪريو.
.سنڌو نظام تي ڊيمن ۽ واهن جي وڌيڪ تعمير ھڪدم روڪي وڃي.
دريائن جي حقن کي بحال ڪرڻ، يقيني بڻائڻ ۽ تحفظ ڏيڻ، جيئن عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو آهي، انهن جي قدرتي وهڪري ۽ ماحولياتي نظام جي عمل کي يقيني بڻايو وڃي.
انڊس ڊيلٽا ۽ ان تي ڀاڙيندڙ ڪميونٽي کي بحال ڪري ۽ انھن جي تحفظ کي ترجيح ڏني وڃي.
مستقبل ۾ پاڻي جي تڪرارن کي روڪڻ ۽ ماحولياتي پائيداري کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع، شفاف ۽ سائني بنيادن تي پاڻي جي انتظام کي لاڳو ڪيو وڃي.