سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ سنڌو درياھ جي پاڻي تي تڪرار جو مختصر جائزو

سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ پاڻي جو تڪرار 1859ع ۾ شروع ٿيو ھو، جڏهن سنڌو درياهه تي پاڻي جي استعمال بابت تعمير ڪم شروع ٿيا. شروعاتي تڪرار زراعت ۽ ترقي جي نالي ۾ پاڻي کي موڙڻ بابت مرڪوز هئا.

انهن تڪرارن کي نبيرڻ لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪيا ويا، جن ۾ اينڊرسن ڪميٽي (1935) ۽ رائو ڪميشن (1942) شامل آهن. 1945ع ۾، سنڌ پنجاب  ۾ پاڻي معاهدو تي صحيحيون ڪيون ويون.ان ٺاھ ۾ درياھ جي ھيٺين ۽ مٿئين پاسي جي پاڻي کڻندڙن وچ ۾ برابر ورڇ جي اصول کي درست  طور تسليم ڪيو ويو. جنھن ۾ پاڻي جي ورڇ لاءِ هڪ  ناصاف ڀريو بنياد رکيو ويو.

ان معاهدي ھئڻ باوجود، ورهاڱي کان پوءِ جي دور ۾ وڌيڪ چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو. 1960ع جي سنڌو پاڻي معاھدي ( انڊس واٽر ٽريٽي ) جنھن۾ عالمي بينڪ ٽياڪڙي جو ڪئي.ان ۾ ھندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ انڊس بيسن جي ڇهن دريائن ڪنهن به ماحولياتي اثر جي نشاندھي کان سواءِ ورهايو ويو. ان ورڇ ۾ درياھ جي هيٺن پاسي کان پاڻي کڻندڙ ڪميونٽي جي ماحولياتي ۽ سماجي ضرورتن، انهن جي ثقافت ۽ هزارين سالن جي تهذيب ۽ طاس جي ماحولياتي نظام ( ايڪو سسٽم)کي مڪمل نظرانداز ڪيو ويو.

وڏي پيماني تي پاڻي جي بنيادي ڍانچي جي تعمير، ڊيمن، بئراجن، ڪينال، ۽ لنڪ ڪينال جي اڏاوت ڪئي وئي.جن بنيادي طور تي پنجاب کي فائدو پهچايو ۽ سنڌ ۽ بلوچستان کي مڪمل طور محروم ڪيو.

انڊس ڊيلٽا ( ڇوڙ واري ڀاڱي)  لاءِ ان معاھدي جا مجموعي اثر تباهي ڪندڙ رهيا آهن: جنھن ۾ لڳاتار سمنڊ جو زمين پائڻ،مٿاڇري جي گدلاڻ ، روزگار کان محرومي ۽  سامونڊي ڪناري ۽ دريائي آبادي تي ڀاڙيندڙن جي  لڏپلاڻ شامل آھي. عالمي اداري IUCN جي رپورٽن اھڙي تباهي واري صورتحال کي دستاويز ڪيو آهي، جنهن ۾ وڏي پيماني تي حياتياتي نمونن کي پھتل نقصان ۽ ماحولياتي نظام جي ناڪامي جو حوالو ڏنو ويو آهي.

1991ع جي  صوبن وچ ۾  پاڻي جو ٿيل ٺاھ، اڻ چونڊيل صوبائي حڪومتن دستخط ڪيو،جنھن سان سنڌ جي محرومي اڃان وڌي وئي. اھو ٺاھ برابري جي بنياد تي  پاڻي جي حصي ۽ ماحولياتي جٽاءَ جي اصولن کي برقرار رکڻ ۾ ناڪام ٿيو، نتيجي ۾ وڌيڪ تڪرارن ۽ ناانصافين جنم ورتو. عالمي بينڪ جي هڪ جائزي موجب، خطو پاڻي جي جنگ جي ڪنڌي تي پھتل آهي، جتي اسٽيڪ هولڊر پاڻي جي هر  ھڪ ڦڙي لاءِ وڙهندا  ۽ ان جا شروعاتي مظهر سنڌ ۾ اڳ ئي ظاهر ٿي چڪا آهن.

1960ع واري انڊس واٽر ٽريٽي ۽ 1991ع جي  پاڻي ٺاھ  ٻنھي  پاڻي جي عالمي قانون ۽ ماحولياتي ڪنوينشن جي لتاڙ  ڪن ٿا. اهي دريائن جي قدرتي وهڪري، ماحولياتي نظام کي برقرار رکڻ ۽  مختلف قسمن جي جاندار جي اوسر ۽ واڌ ويجھھ جي بنيادي حقن کي نظرانداز ڪن ٿا.

اھم مطالبا:  1860 واري پراڻي سنڌو پاڻي معاهدي ۽ 1991ع واري پاڻي معاهدي کي ختم ڪيو وڃي.

1945ع جي سنڌ پنجاب پاڻي معاهدي ۾ طئي ڪيل برابر پاڻي جي حصي  واري اصولن تي سختي سان عمل ڪريو.

.سنڌو نظام تي ڊيمن ۽ واهن جي وڌيڪ تعمير ھڪدم روڪي  وڃي.

دريائن جي  حقن کي بحال ڪرڻ، يقيني بڻائڻ ۽ تحفظ ڏيڻ، جيئن عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو آهي، انهن جي قدرتي وهڪري ۽ ماحولياتي نظام جي عمل کي يقيني بڻايو وڃي.

انڊس ڊيلٽا ۽ ان تي ڀاڙيندڙ  ڪميونٽي کي بحال ڪري ۽ انھن جي تحفظ کي ترجيح ڏني وڃي.

مستقبل ۾ پاڻي جي تڪرارن کي روڪڻ ۽ ماحولياتي پائيداري کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع، شفاف ۽ سائني بنيادن تي پاڻي جي انتظام کي لاڳو ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.