اسلام آباد (بيورو/م ڊ) پاڪستان، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي گجرات واري بيان تي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهڙا بيان چونڊ مهم جو حصو ۽ نفرت تي ٻڌل سياست جي عڪاسي ڪن ٿا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت کي جيڪڏهن واقعي انتها پسندي جي ڳڻتي آهي ته پوءِ ان پنهنجي ملڪ اندر هندوتوا واري انتها پسندي ۽ اقليتن سان ٿيندڙ زيادتين تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تان ڌيان هٽائڻ لاءِ اهڙا بيان ڏئي رهيو آهي. ترجمان چيو ته جوهري سگهه رکندڙ رياست جي سربراهه جا نفرت جوڳا ۽ چڙ ڏياريندڙ بيان افسوسناڪ ۽ خطي جي امن لاءِ انتهائي خطري جو سبب آهن. ترجمان موجب، ڀارت جو وڌندڙ جنگي بيانيوخطي جي استحڪام لاءِ سنگين خطرو بڻجي چڪو آهي، پر پاڪستان ڪنهن به جارحيت جي صورت ۾ ڀرپور ۽ منھن ٽوڙ جواب ڏيندو. ٻئي طرف وزير دفاع خواجه آصف جو چوڻ آهي ته مودي کي پنهنجي سياسي موت نظر اچي رهي آهي، بدقسمتيءَ سان نريندر مودي جهڙا ماڻهو اقتدار ۾ اچي پنهنجو ملڪ ته ٺهيو، پوري دنيا جو امن به خراب ڪن ٿا. عليمه خان رڳو رستو ڳولڻ جي ٿوري ڪوشش ڪئي، ڏسڻو پوندو ته هي ماڻهو اصل ۾ ڇا ٿا چاهين. خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي وزير دفاع خواجه آصف ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي جواب ڏيندي چيو ته مودي آخرڪار پنهنجي حيثيت تي اچي ويو آهي، کيس پنهنجي سياسي خاتمي جو احساس ٿي ويو آهي. بدقسمتيءَ سان اهڙا ماڻهو، جيئن مودي آهي، جڏهن اقتدار ۾ اچن ٿا ته صرف پنهنجي ملڪ جو نه، پر سموري دنيا جو امن خطري ۾ وجهن ٿا. اهڙي صورتحال جي هڪ مثال اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو پڻ آهي. خواجه آصف چيو ته اسان جي نوجوانن جنگي تاريخ جو نئون باب لکيو آهي، سڄي دنيا حيران ٿي پڇي رهي آهي ته اوهان هي سڀ ڇا ڪيو؟ مودي جون ساريون ڌمڪيون ڪجهه ڪلاڪن ۾ ختم ٿي ويون.