لاچين(ع آ نيوز) پاڪستان ۽ آذربائيجان ۾ اسٽريٽجڪ ڀائيواري وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام علييوف سان ملاقات ڪئي ۽ ڀارت سان تازي ڇڪتاڻ ۾ پاڪستان جي حمايت تي شڪريو ادا ڪيو. رپورٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان جي ٽن ڌرين واري اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آذربائيجان پهتو، جتي هن صدر الهام علييوف سان ملاقات ڪئي ۽ ڀارت سان تازي ڇڪتاڻ دوران پاڪستان جي حمايت تي سندس ٿورا مڃيا. ملاقات دوران وزيراعظم چيو ته آذربائيجان جي عوام سان پاڪستاني عوام جو امر لاڳاپو آهي، ۽ ٻنهي ملڪن هميشه هڪ ٻئي جي مدد ڪئي آهي. صدر الهام علييوف سان ملاقات ۾ وزيراعظم آذربائيجان جي قيادت ۽ عوام جي اظهارِ يڪجهتي کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي وڌائڻ جي گڏيل عزم جو اظهار ڪيو ۽ سيڙپڪاري جي واڌاري لاءِ وفدن جي مٽاسٽا تي اتفاق ڪيو. ان کان اڳ، وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان جي ٽن ڌرين واري اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آذربائيجان جي شهر لاچين پهتو، جتي آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف، پاڪستاني سفير قاسم محي الدين ۽ ٻئي سفارتي عملي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف، ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان ۽ آذربائيجان جي صدر الهام علييوف سان گڏ پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان جي ٽن ڌرين واري اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي اطلاعات وارو وزير عطاالله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي به وزيراعظم سان گڏ آهن.