اوٻاوڙو ويجهو معصوم نينگر سميت 5 ڄڻا اغوا ،تشدد واري وڊيو وائرل

اوٻاوڙو (رپورٽ:عبدالحئي ڇڄڻ)اوٻاوڙو لڳ ضلعي رحيميار خان ۾ ڏوھارين جو راڄ ھڪ رات ۾ پنج ورھن جي معصوم ٻار سميت پنج ڄڻا اغوا امن امان ڪرائڻ ڊي پي او عرفان علي سمون وڏو چئلنج گذريل رات ڪوٽ سبزل ٿاڻي جي حد وسطي ورندان تي ڏوهاري چڙهائي ڪري هٿيارن جي زور تي شعبان ورند ۽ ڊرائيور امام دين ورند کي اغوا ڪري ويا جن جي ايف آئي آر ڪوٽ سبزل ٿاڻي تي نامعلوم ڏوهارين خلاف وارثن جي فرياد تي داخل ٿي وئي آهي ساڳي رات ۾ ٿاڻو احمد پور لما جي حد وسطي ڪٽا موضع راڄڙي مان ڏوهاري امان الله، زمان الله ۽ پنج ورھن جو معصوم نينگر رضوان کي هٿيارن جي  زور تي اغوا ڪري کڻي ويا بي رحم ڏوهارين معصوم مغوي رضوان مٿان سخت تشدد واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي جنھن بعد رحيميار خان ضلعي جي پوليس جي وڏي نفري  مغوين جي بازيابي لاءِ ڀنگ جي ڪراچي ڪچي ۾ واري علائقي ۾ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.