ٽنڊوالھيار (رپورٽ: حسرت لغاري) مورو واقعي جي شھيد عرفان لغاري جي لاش جي بي حرمتي ڪرڻ خلاف ڪيريا شاخ تي ڌرڻو هڻڻ تي داخل ڪيس ۾ قومي پرست ڪارڪنن جي ضمانت منظور ٿي وئي، ڪيس ۾ قومپرست اڳواڻ وقار بوزدار، نثار مگسي، زاهد لغاري، غلام رسول رند، حنيف مگسي، راجا ملاح ۽ وقار دل کي نامزد ڪيو ويو هو، جيڪي ڪالهه ٽنڊوالھيار سيشن ڪورٽ پھتا جتي ايڊووڪيٽ ضمير حيدر خاصخيلي، علي رضا بوزدار ۽ ايڊووڪيٽ آصف خاصخيلي سندس مفت ڪيس وڙهندي ضمانت منظور ڪرائي.