اسلام آباد(م ڊ) صنعت ۽ پيداوار بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس گوڙ جي ور چڙهي ويو، اجلاس دوران نيپرا جي نمائندن جي غيرحاضري تي ڪميٽي جي چيئرمين سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي پڇيو ته، نيپرا جا ماڻهو ڪميٽي ۾ ڇو نه آيا؟ جنهن تي ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او وضاحت ڪندي چيو ته: ممڪن آهي ته نيپرا جا ماڻهو ڪابينا جي اجلاس ۾ ويا هجن، چيئرمين ڪميٽي چيو ته اسان ڄاڻون ٿا، توهان جو نيپرا سان تمام گهڻو قرب آهي، جنهن تي سي اي او ڪي اليڪٽرڪ پڻ اعتراف ڪيو ته، جي بلڪل، ان تي چيئرمين سخت لهجي ۾ چيو ته توهان جو تعلق عوام سان نه آهي، شاباش آهي توهان تي! اجلاس دوران ماحول تڏهن وڌيڪ ڇڪتاڻ جو شڪار ٿي ويو، جڏهن ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او مونس علوي ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر سيد رضا علي گيلاني وچ ۾ جملن جي ڏي وٺ ٿي پئي، سيد رضا علي گيلاني، مونس علوي خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪندي چيو ته جيستائين هي ماڻهو ڪميٽي ۾ موجود آهي، مان هتي نه ويهندس، ڪميٽي جي ميمبر عبدالحڪيم بلوچ چيو ته هي ماڻهو کلي عام چوندو آهي ته توهان منهنجو ڪجهه به نه بگاڙي سگهو ٿا ۽ هي اڪثر اهڙو ئي رويو اختيار ڪندو آهي، ميمبر مبين عارف چيو ته اسان کي پنهنجي تحريڪِ استحقاق جو اختيار استعمال ڪرڻو پوندو، سيد رضا علي گيلاني مطالبو ڪيو ته سڀ کان پهريان هن جي رويي بابت فيصلو ڪيو وڃي.