ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف واپارين شاهين ڪمپليڪس سامهون ڪي اليڪٽرڪ جي آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن سبب ڀرپاسي جي روڊن تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي، رهائشي علائقن ۾ بدترين لوڊشيڊنگ کانپوءِ مارڪيٽن ۽ ٻين واپاري مرڪزن تي به بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ خلاف ڪراچي جي واپارين ڪي اليڪٽرڪ جي آفيس اڳيان مظاهرو ڪيو، جنهن ۾ واپاري تنظيمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ڌرڻي سبب آئي آئي چندريگر روڊ سميت مک روڊن تي ھلندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، مظاھرين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته بجلي جو بل ادا ڪرڻ باوجود بجلي چورن وانگر ڏني ٿي وڃي، بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪلاڪن جا ڪلاڪ جاري رھي ٿي، جنهن سبب ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آھي، واپارين چتاءُ ڏيندي چيو ته لوڊشيڊنگ ختم نه ڪئي وئي ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو، ٻي پاسي ڪي اليڪٽرڪ انتظاميه پاران بجلي جي لوڊشيڊنگ جو سبب ڄاڻائيندي چيو ته احتجاج ڪندڙ واپارين ۽ علائقي واسين ڏانهن 9 ڪروڙ رپين جون رهتون آهن، علائقي واسي بجلي جا بل وقت تي ادا ڪن.