ڪئنال مخالف ڪامياب تحريڪ کان پوءِ سنڌ اندر قومي نظريي سان سلهاڙيل سياسي اڳواڻن، ڪارڪنن، اديبن ۽ انهن جي پٽن توڙي احتجاجن ۽ ڌرڻن خلاف جيڪا حڪومتي ڪارروائي ۽ وٺ پڪڙ شروع ٿي وئي آهي سا ان ڪري به ڳڻتي جوڳي آهي ته ان سان سنڌ جون حالتون خراب ۽ ڇڪتاڻ واريون ٿينديون پيو وڃن. ڪافي تجزئي نگارن پهريون ئي اهڙو خدشو ڏيکاريو هو ته ڪئنالن مخالف تحريڪ ۾ حصو وٺندڙن کان پلاند ورتو ويندو ۽ پوءِ ايئن ئي ٿيو.
ڪئنالن مخالف تحريڪ کانپوءِ پهرين وڏي ڪارروائي نامياري اديب ۽ قومي دانشور تاج جويي جي گهر تي چڙهائي ڪرڻ ۽ سندس ٻن پٽن کي پرهه ڦٽيءَ جو گهران ننڊ مان اٿاري گرفتار ڪرڻ هو ۽ ڪالهه مرحوم اديب راشد مورائي جي گهر تي پوليس چڙهائي ڪري سندس پـٽ شاهه لطيف کي کنڀي کڻي وئي جنهن کي بعد ۾ آزاد ڪيو ويو. ان کان اڳ مورو ۾ هڪ قومپرست جماعت جي سڏ تي ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي جي خلاف پرامن احتجاج تي پوليس طرفان ڪيل سڌي فائرنگ سبب وڳوڙي ۽ پرتشدد صورتحال پيدا ٿي وئي جڏهن پوليس جي فائرنگ ۾ زاهد لغاري نالي هڪ نوجوان شهيد ٿي ويو ۽ پوءِ اسپتال ۾ داخل زخمي نوجوان عرفان لغاري پڻ گذاري ويو جنهن جو بقول سندس وارثن جي ته پوليس لاش نه ڏنو ۽ اهو ان خوف کان پنهنجي تحويل ۾ رکي ڇڏيو ته وارث ان کي شاهراهه تي رکي ڌرڻو يا احتجاج نه ڪن. وري جڏهن انتظاميا اهو لاش ڪن شرطن تي واپس ڪرڻ جي آڇ ڏني ته وارثن اهي شرط نه مڃيندي لاش وصول ڪرڻ بدران مطالبو ڪيو ته احتجاج ۾ گرفتار ٿيل ڪارڪنن کي پهريون آزاد ڪيو وڃي ۽ جن پوليس اهلڪارن جي گولين سان زاهد ۽ عرفان شهيد ٿيا آهن تن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ان وچ ۾ هڪ جج نوٽيس وٺندي چيو ته لاش جي بي حرمتي نه ڪئي وڃي ۽ جيڪڏهن وارث لاش وصول نٿا ڪن ته ڪنهن ذميوار ڌر جي لاش حوالي ڪري اهو دفنايو وڃي ۽ پوءِ ايئن ئي ٿيو جنهن خلاف سنڌ ۾ سخت ردعمل ظاهر ٿيو ته لاش کي ڳجهه ڳوهه ۾ دفن ڪيو ويو آهي سو قبر ڪشائي ڪرائي لاش وارثن جي حوالي ڪيو وڃي ته جيئن اهي ان کي پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ دفنائي سگهن. ڪالهه جي خبر آهي ته عدالت طرفان سندس قبر ڪشائي جي اجازت ڏني وئي جنهن بعد لاش وارثن کي ڏنو ويو ۽ پوءِ کيس مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو..
هاڻي سوال اهو آهي ته حڪومت احتجاجن ۽ ڌرڻن ۾ حصو وٺندڙ پرامن ماڻهن خلاف وٺ پڪڙ جون ۽ گهر ۾ ستل اديبن جي گهرن تي اهڙيون چڙهايون ڇو ٿي ڪري جڏهن ته اهي سڀ نه دهشت گرد آهن، نه ڌاڙيل آهن نه ئي ڏوهاري آهن. سندن ڏوهه شايد اهو آهي ته اهي سنڌ پرست آهن ۽ جيڪڏهن سنڌ پرست هئڻ ڪري سندن خلاف اهڙيون ڪارروايون ٿي رهيون آهن ته پوءِ ته سڄي سنڌي قوم ڏوهاري چئبي. شيخ اياز صاحب هونئن ته هي شعر ون يونٽ مخالف تحريڪ دوران لکيو هو ته جڏهن ون يونٽ قائم ڪري سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪئي وئي هئي ۽ سنڌ جو نالو وٺڻ ڏوهه قرار ڏنو ويو هو ته
”سنڌڙي تنهنجو نانءُ وتو ڄڻ، ڪاريهر تي پير پيو“
پر پوءِ هر دور ۾ اهو شعر سنڌي قوم جي ترجماني ڪندو رهيو جيئن اڄ جي حالتن ۾ ڪري رهيو آهي. سو تاج جويو هجي، سندس پٽ هجن يا مرحوم راشد مورائي جو پٽ هجي، مورو واري احتجاج ۾ شهيد ٿيندڙ زاهد لغاري هجي يا عرفان لغاري هجي سندن خلاف ٿيل حڪومتي ۽ پوليس ڪارروائي جو ڪارڻ به سنڌڙيءَ جو نانءُ وٺڻ آهي.
اسان جي ته خواهش آهي ته جيڪر سنڌ حڪومت به سنڌ ۽ سنڌي قوم جي نمائنده حڪومت بڻجي انهن جي ترجماني ڪري. ٻي کين گذارش اها ڪبي ته احتجاجي، ڌرڻن ۽ اديبن جي گهرن تي چڙهايون ڪرڻ وارين فضول ڪاررواين بدران جيڪڏهن اها پنهنجي گڊ گورننس تي ڌيان ڏئي ته جيڪر هي احتجاج ۽ ڌرڻا ٿين ئي نه. ائين به ناهي ته ڪو سنڌ ۾ رڳو ڪئنالن ۽ ڪاپوريٽ فارمنگ خلاف احتجاج، مظاهرا ۽ ڌرڻا ٿي رهيا آهن پر ڏسجي ته ڪنهن نه ڪنهن مسئلي تي ڪراچي کان ڪارونجهر ۽ ڪارونجهر کان ڪينجهر تائين سڄي سنڌ ۾ عوام سراپا احتجاج آهي. ڪٿي بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف ته ڪٿي ڌاڙيلن ۽ ڀوتارن جي ظلمن خلاف، ڪٿي يونيوسٽين انتظاميا جي خلاف احتجاج ٿي رهيا آهن، سياسي ۽ مذهبي جلسا ۽ ريليون به سڀ ڪو ڪري ٿو ايئن ناهي ته رڳو قوم پرست جماعتون ٿيون جلسا ڪن ۽ ريليون ڪڍن. سو بيڊ گورننس کي بهتر ڪرڻ بدران احتجاجن، مظاهرن ۽ ڌرڻن تي پنهنجي توانائي ضايع نه ڪرڻ گهرجي پر اها توانائي سٺي حڪومت ڪرڻ تي خرچ ڪئي وڃي ته وڌيڪ بهتر رهندو
جيستائين ”سنڌڙي تنهنجو نانءُ وتو ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو“ واري شعر جو تعلق آهي تنهن حوالي سان حيرت ٿي رهي آهي ته سنڌ ڄاون اڄ جي حڪمرانن کي آخر سنڌ جي حقن لاءِ ڪيل جدوجهد تي ڇو ايڏي ارهائي ٿي رهي آهي جڏهن ته پ پ کي سڄي ملڪ مان ووٽ به سنڌ مان ئي ملن ٿا ۽ سنڌي قوم ئي کين اڪثريتي طور ووٽ ڏئي ٿي ته ان ووٽ جي به اهائي تقاضا آهي ته اها سنڌ جي حقن جي محافظ بڻجي پر افسوس ته اها سنڌ جي حقن لاءِ اٿيل آوازن خلاف ايئن ٿي ڪارروائي ڪري جيئن سنڌ دشمن حڪمران، طاقتون ۽ ڌريون ڪنديون آهن. جيڪڏهن سنڌ ۾ پ پ خلاف اهڙو تاثر جڙندو ۽ مضبوط ٿيندو ويو ته پوءِ سنڌ ۾ به ان جي سياسي پوزيشن ملڪ جي ٻين صوبن جهڙي ٿي ويندي جتان کين ووٽ ملڻ بند ٿي ويو آهي