خيرپور (رپورٽ: عبدالمتين مهر) اڳڙا لڳ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ نوجوان قتل، ڌريون مورچا بند ٿي ويون، اڳڙا لڳ سنڌو درياهه جي ڪچي جي علائقي ۾ ڳوٺ خانڻ ناريجو ۾ ناريجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان ٻيهر تڪرار شروع ٿي ويو جنهن ۾ ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي مٿان فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب هڪ نوجوان شڪيل احمد ناريجو ولد خير محمد ناريجو موقعي تي مارجي ويو، جنهن بعد ٻنهي ڌرين مورچا قائم ڪري ڇڏيا، جنهن سبب سڄي علائقن ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل آهي، هوڏانهن پوليس ڳوٺ ۾ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وڍي گمس اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.