اچو ته ڪئنال مخالف تحريڪ ۽ ڪاپوريٽ فارمنگ واري جدوجهد کي روڪڻ جي سازش کي ناڪام بڻايون

اسان ڪجهه ڏينهن اڳ مورو واقعي جي روشني ۾ هڪ ايڊيٽوريل لکيو هو ته ڪئنال ۽ ڪاپوريٽ فارمنگ مخالف شاندار ۽ يادگار پرامن تحريڪ کي ڏسڻ کان پوءِ سنڌ کي پرتشدد بڻائڻ جي سازش ٿي رهي  آهي جنهن کان نه رڳو خبردار ٿيڻو آهي پر ان کي ناڪام به بڻائڻو آهي. سنڌ قوم لاءِ ڏسجي ته اصل ۾ اها ڪا چئلنج ناهي. اها قوم فطري طور مزاجن هونئن ئي امن پسند قوم رهي آهي. هن قوم وڙهي پاڻ کي ماريو ناهي پر عدم تشدد واري صوفي مزاج سان هن ڏهه هزار  ورهين کان پنهنجو وجود سنڀالي رکيو آهي جنهن تي هاڻي به هلڻ جي ضرورت آهي. سنڌ ۽ سنڌي قوم جي بقا ئي عدم تشدد واري نظرئي  ۾ آهي. اها ئي سنڌي قوم جي مضبوط پچ آهي جنهن تي ئي سنڌي قوم کي پنهنجي جدوجهد ڪرڻ گهرجي.

اسان کي مشتعل ڪرڻ جون هاڻي وانگر هر دور ۾ ڪوششون ڪيون ويون آهن..بزدليءَ جا مهڻا به ملندا رهيا آهن پر پنهنجي خوش قسمتي اها آهي ته اسان کي پنهنجي طاقت جي ڀلي ڀت پروڙ آهي. اسان کي گهمراهه ڪرڻ جي هاڻي به ڪوشش ٿي رهي آهي پر اسان کي سندن گهمراهه ٿيڻ واري لاڙي کي روڪڻو آهي. اسان کي سنڌي قوم جي مضبوط پچ تان ئي جدوجهد ڪرڻي آهي. هٿياربند جدوجهد جي پچ ، اسان جي طاقت ناهي، ٻين قومن جي ضرور هوندي پر اسان جي احتجاجن جا طريقا ئي پنهنجا ۽ منفرد رهيا آهن مثال طور هڪ غير سنڌي صحافي شاهد مسعود اعتراض ڪيو ته آصف علي زرداري کي صدر مملڪت جي حيثيت ۾ سنڌي ٽوپي نه پائڻ گهرجي اها هڪ صوبي جي نشاني  آهي ته سنڌي ميڊيا شاهد مسعود جي جي ان تذليل نما ريمارڪ کي ”سنڌي ثقافت“  جو ساليانو ثقافتي ڏينهن ڪري ملهائڻ جو انتهائي پرامن ۽ انوکو احتجاج ريڪارڊ ڪرايو ۽ اهو ڏينهن هاڻي سنڌ جو رڳو ساليانو ثقافتي ۽ رڳو قومي ڏينهن نه پر قومي عيد ٿي ويو آهي ۽ سنڌي قوم ان کي هاڻي پنهنجي قومي عيد تصور ڪندي آهي. سنڌي قوم روايتي احتجاجن وانگر هڙتالون ڪري شهربند نه ڪيا، بسون ۽ گاڏيون نه ساڙيون، روڊن تي ٽائر رکي انهن کي باهيون نه ڏنيون. نه ئي وڳوڙي حالتون پيدا ڪري پاڻ مٿان ڪوڙا ڪيس ٺاهرائڻ جو ڪنهن کي موقعو ڏنو.اهو اهڙو احتجاج هو جنهن غير سنڌين کي به اتساهه ڏنو ۽ اهي به ان ثقافتي ڏينهن تي ٽوپي، اجرڪ پائڻ لڳا ۽ سنڌي گيتن تي جهمريون هڻڻ لڳا. پوءِ اسان ۽ توهان ڏٺو ته آمريڪا، برطانيا ۽ يورپ جي ٻين ملڪن جي سفارتخانن ۾ به سنڌ جو ثقافتي ڏينهن ملهائجڻ لڳو ۽ ايئن ان ثقافت جي ڏينهن کي عالمي حيثيت ملي وئي. سو جنهن شاهد مسعود کي پاڪستان جي صدر مملڪت تي اعتراض هو ته اهو سنڌي ٽوپي نه پائي سا سنڌي ٽوپي پوءِ آمريڪا، برطانيا، چين ۽ يورپ جي سرڪاري عملدارن به وڏي فخر سان پاتي ۽ دنيا ڏٺو. اها به ڪيڏي نه شرم جي ڳالهه هئي ته شاهد مسعود کي ان ڳالهه تي اعتراض ڪڏهن نه ٿيو ته اسان جا حڪمران يورپي لباس ڇوٿا پائين پر ان ڳالهه تي اعتراض هو ته صدر مملڪت سنڌي ٽوپي ڇو ٿو پائي؟  جيڪا سوچ يقينن تعصب تي ٻڌل هئي پر چوڻ جو مقصد ته ان جو سنڌي قوم جيڪو جواب ڏنو سو ڪيڏو نه لاجواب هو جنهن جا پوءِ صرف ۽ صرف فائدا ئي رسيا خاص ڪري سنڌ جي ثقافت کي عالمي پذيرائي ملي وئي.

اها ته  ٿي پراڻي ڳالهه. نئين ۽ تازي ڳالهه جنهن پڻ سنڌي قوم کي عالمي سطح تي پذيرائي ڏياري سا ڪئنال مخالف تحريڪ هئي. سنڌو درياهه جي زندگي ۽ موت سان سلهاڙيل ايڏي جذباتي معاملي کي به سنڌي قوم پرامن انداز سان حل ڪري ڏيکاريو جنهن سان سڄي دنيا کي ڏندين آڱريون اچي ويون ڇو ته انهن اهڙي پرامن تحريڪ ته ڪڏهن ڏٺي ئي نه هئي. ان تحريڪ کي به پرتشدد ڪري ناڪام بڻائڻ جون ڪوششون ٿينديون رهيون پر سنڌي قوم انهن سڀني سازشن کي ناڪام بڻائي ڏيکاريو.انهيءَ پرامن ۽ عظيم تحريڪ نيٺ وفاقي حڪومت کي نون ڪئنالن جي منصوبي تان هٿ کڻڻ تي مجبور ڪيو پر چوڻ وارا چون ٿا ته عارضي طور تي ته سنڌي قوم جي ان تحريڪي اڀار کي ماٺو ڪرڻ انهن جي مجبوري هئي پر انهن اڃان مڪمل طور تي ان منصوبي تان هٿ ناهي کنيو تنهن ڪري سنڌي  قوم کي ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي خلاف اڃان جدوجهد ڪرڻي آهي. تنهن ڪري سنڌي قوم کي ڪنهن به قسم جي سازش جي ور ناهي چڙهڻو. يقينن عالمي طاقتون يا حڪومتون چاهينديون ته سنڌي قوم کي مشتعل ڪري پرتشدد ۽ وڳوڙي بڻائجي پر اسان کي ان رستي تي ناهي وڃڻو.پر امن احتجاج کي پنهنجي طاقت سمجهڻو پوندو وڳوڙي احتجاج بلڪل به ناهي ڪرڻو. قانون کي هٿ ۾ ناهي کڻڻو. نه انتهاپسند ٿيڻو آهي ۽ نه ئي دهشت گرد. اسان کي تشدد ۽ انتهاپسندي جي ڪنهن به رنگ ۾ ناهي رنڱڻو. ان پر تشدد لاڙي کان بچڻ لاءِ هوش مندي سان ڪم ڪرڻو آهي. سنڌ دشمن طاقتون ته چاهينديون ته سنڌي قوم پرتشدد ٿئي ۽ ان کان ڪئنال مخالف پرامن تحريڪ جو اعزاز واپس وٺي کين وڳوڙي، دهشتگرد ۽ پرتشدد قوم ثابت ڪيون. اهي اسان کي پرتشدد ۽ وڳوڙي بڻائڻ لاءِ هر قسم جو طريقو اختيار ڪندا، هر قسم جي چڙ ڏياريندا پر اسان کي غير روايتي انداز سان ائين ئي  جواب ڏيڻو آهي جيئن سنڌي ٽوپي جي تذليل تي ڏنو ۽ جيئن سنڌو درياهه جي جنگ عدم تشدد واري هٿيار سان وڙهي ڏيکاري هئي. هاڻي  به اسان کي ان پچ تان جدوجهد ڪرڻي آهي. پرتشدد، وڳوڙي ۽ هٿياربند پچ اسان جي ناهي، اها دشمنن جي آهي. ان دشمنن جي پچ تي وڙهي اسان کي پنهنجو قومي نقصان ناهي ڪرڻو پر پنهنجي پرامن عدم تشدد واري پچ تي پنهنجي طاقت سان جدوجهد ڪرڻي آهي ڇاڪاڻ ته سنڌو درياهه تي ٺهندڙ ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف اسان جي جنگ اڃان مڪمل طور تي ختم نه ٿي آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.