پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي تحريڪ جون تياريون

ڪراچي (رپورٽر) پريا ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن جي وڪيل عامر نواز وڙائچ سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن دوران  پريا ڪماري جي آزاديءَ لاءِ گڏيل فيصلي تحت هڪ وڏي احتجاجي مظاهري جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ملاقات ۾ غور ڪيو ويو ته جلد ئي احتجاج جي تاريخ ۽ هنڌ جو اعلان ڪيو ويندو.وڪيل عامر نواز وڙائچ پاران پريا ڪماري جي آزادي لاءِ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي وئي، ملاقات ۾ پريا ايڪشن ڪميٽي طرفان لياقت علي جلباڻي، ڊاڪٽر ڀاڳو مل، سهڻي پارس ۽ ٻيا موجود هئا .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.