جهمپير ويجهو 5 سالن جو ٻالڪ وقت سر ايمبولينس نه ملڻ سبب فوت

جهمپير (رپورٽ: نظير پالاري) جهمپير ڀرسان ڳوٺ محمد رحيم ماڇي جو رهواسي صادق ماڇي پنهنجي 5 ورهين جي بيمار پٽ ياسين ماڇي کي علاج لاءِ سول اسپتال مڪلي کڻي آيو، جتي ڊاڪٽرن کيس فوري طور ڪراچي منتقل ڪرڻ جي صلاح ڏني، پر 1122 ايمبولينس نه هجڻ سبب ننڍڙو ياسين تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو. وارثن صادق ماڇي ۽ غلام نبي ماڇي موجب ڊاڪٽرن ٻڌايو ته ٻار کي ڦڦڙن جو مسئلو آهي ۽ آڪسيجن جي سخت ضرورت آهي، جيڪا مڪلي اسپتال ۾ موجود نه هئي. 1122 تي رابطو ڪرڻ باوجود ايمبولينس نه ملي، ۽ پرائيويٽ ايمبولينس جو بندوبست ڪرڻ تائين ٻار فوت ٿي ويو. هنن شڪايت ڪئي ته مڪلي سول اسپتال ۾ ايمرجنسي علاج توڻي ايمبولينس جون سهولتون موجود ناهن، جنهن سبب ڪيترائي مريض وقت سر اسپتال نه پهچي فوت ٿي وڃن ٿا. فوتي ٻار جو لاش پرائيويٽ ايمبولينس وسيلي ڳوٺ واپس آندو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.