ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت عورتن کي اليڪٽرڪ اسڪُوٽيز (E-V Scooties) ڏيڻ لاءِ ايندڙ مهيني ڪڻا ڪڍڻ جو فيصلو ڪري ورتو. هن منصوبي جي پهرئين مرحلي ۾ هڪ هزار عورتن کي اسڪوٽيون ڏنيون وينديون. سنڌ جي سينئر وزير، اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اليڪٽرڪ ٽيڪسي، اسڪُوٽيز ۽ ٻين اهم ٽرانسپورٽ منصوبن جي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اليڪٽرڪ ٽيڪسيون ۽ اسڪوٽيون نه رڳو نوجوانن لاءِ روزگار جو ذريعو آهن، پر اهي عورتن جي چرپر ۽ ماحولياتي بهتري ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت 2025ع دوران عورتن لاءِ اليڪٽرڪ اسڪُوٽيز جي فراهمي سان گڏ E-V ٽيڪسي منصوبي تي به ڪم شروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ضمير عباسي اجلاس کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته يلو لائن بي آر ٽي جو اهم حصو ڄام صادق پل مقرر وقت سيپٽمبر 2025 کان اڳ، جون 2025 تائين مڪمل ڪيو ويندو. سي اي او ٽرانس ڪراچي، فواد غفار سومرو، ريڊ لائن بي آر ٽي بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته ڊيپوز، اسٽيشنن ۽ بائيو گئس پلانٽ جي تعمير تي تيزيءَ سان ڪم جاري آهي. شرجيل انعام ميمڻ لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته سڀني منصوبن جي وقت سر ۽ معياري تڪميل کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن شهرين کي جديد، محفوظ ۽ قابلِ اعتماد سفري سهولتون فراهم ٿي سگهن.