لنجار جي گهر کي باهه جي مذمت، تشدد قبول نه ڪبو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي گهر کي باهه ڏيڻ واري واقعيجي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي کي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ جي سازش قرار ڏنو آهي.پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته  ته اهڙا پر تشدد عمل ڪنهن به مهذب سماج ۾ ڪنهن صورت قبولڻ جوڳا ناهن. هن واضح طور تي چيو ته ضياءُ الحسن لنجار هڪ باوقار سياستدان ۽ عوام جو چونڊيل نمائندو آهي ۽ سندس گهر تي حملو رڳو ذاتي نه، پر سنڌ حڪومت تي سڌو سنئون حملو آهي.شرجيل ميمڻ چيو ته هن افسوسناڪ واقعي ۾ ملوث عنصرن کي ڪنهن به صورت معاف نه ڪيو ويندو ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا جلد کان جلد ذميوارن کي گرفتار ڪندا ۽ کين عبرتناڪ سزا ڏني ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.