خضدار واقعو ”فتنه الهندستان“ ڪيو، ماهه رنگ ڀارتي ايجنٽ آهي: پاڪ فوج

اسلام آباد(م ڊ) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته 21 مئي تي خضدار ۾ ”فتنه الهندستان“ ڀارت جي حڪم تي ٻارن کي دهشتگردي جو نشانو بڻايو، ”فتنه الهندستان“ ڄاڻي واڻي بيگناهه ۽ بي هٿيار پاڪستانين کي نشانو بڻائي رهيو آهي، وفاقي گهرو سيڪريٽري محمد خرّم آغا سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران پاڪ فوج جي تعلقات عامه جي شعبي (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته ڀارت خطي ۾ امن کي نقصان پهچائي رهيو آهي ۽ گذريل 20 سالن کان رياستي دهشتگردي جي پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي، پاڪستان 2009 ۾ دهشتگردي جي ثبوتن سان ڀريل ڊوزيئر شرم الشيخ ۾ ان وقت جي ڀارتي وزيراعظم کي پيش ڪيو، جڏهن ته 2015 ۾ پاڪستان ڀارتي دهشتگردي جي ثبوتن تي ٻڌل ڊوزيئر گڏيل قومن حوالي ڪيو، 2016 ۾ دنيا بلوچستان ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي جو بيوقوفاڻو  چهرو ڪلڀوشن يادو جي صورت ۾ ڏٺو، پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته 2019 ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي دهشتگردي جا ثبوتن سان ڀريل ڊوزيئر گڏيل قومن کي پيش ڪيو ويو، هن چيو ته تازو ئي ملڪ ۽ پرڏيهي ميڊيا ۾ اهي اعترافي بيان ڏٺا ويا آهن جيڪي رضاڪارانه هٿيار ڇڏڻ وارن دهشتگردن جا آهن. جن ٻڌايو ته ڀارت ڪيئن بلوچستان ۾ دهشتگردي جي منصوبابندي ۽ فنڊنگ ڪري رهيو آهي ۽ اهو سلسلو روزانو جاري آهي، ڊي جي آءِ ايس پي آر خضدار ۾ شهيد ۽ زخمي ٿيل ٻارن جون تصويرون ڏيکاريندي چيو ته هي ڀارت جو اصل شيطاني ۽ سفاڪانه چهرو آهي، جنهن کي ياد رکڻ جي ضرورت آهي، 21 مئي تي ڀارت جي حڪم تي ”فتنه الهندستان“ جي دهشتگردن جيڪي ڪيو، ڇا ان ۾ ڪا انسانيت، ڪا اخلاقيت، ڪا بلوچيت يا ڪا پاڪستانيت آهي؟، بلوچستان جا بلوچ پڇي رهيا آهن ته هن دهشتگردي جو بلوچيت سان ڇا تعلق آهي؟ پاڪستان جا مسلمان پڇي رهيا آهن ته هن دهشتگردي جو اسلام ۽ پاڪستان سان ڇا تعلق آهي؟ اهو ڪهڙو اسلام ۽ ڪهڙي بلوچيت آهي جنهن ۾ انسان جي زنده رهڻ جو حق اهو هجي ته تنهنجو ڊي اين اي ڇا آهي؟ اهو ڪهڙو نظريو آهي جنهن تحت اهي درندگي ڀارت جي پيسي ۽ حڪمن تي ظلم ڪري رهيا آهن؟ اهو ڪو نظريو ناهي، اهو حيوانيّت آهي، تنهنڪري اهو ”فتنه الهندستان“ آهي، جنهن جو بلوچستان سان ڪو تعلق ناهي، ان جو تعلق صرف هندستان سان آهي، هن موقعي تي پاڪ فوج جي ترجمان هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي فوج جي حاضر سروس ميجر سنديپ ۽ پاڪستان ۾ موجود دهشتگرد جي وچ ۾ ٿيل گفتگو ٻڌائي، آڊيو ۾ ڀارتي ميجر اعتراف ڪيو آهي ته ڀارت لاهور کان بلوچستان تائين دهشتگردي ۾ ملوث آهي، اهڙي طرح ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪرائي رهيو آهي، اسان وٽ اهڙا ڪيترائي ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن، هن چيو ته ”فتنه الهندستان“ 9 مئي جي صبح کان رات 2 وڳي تائين ڀارت جي اشارن تي بلوچستان ۾ 33 دهشتگرد حملا ڪيا، جنهن ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته 22 گرفتار ڪيا ويا، ڀارت جڏهن ڊرون ۽ ميزائل موڪليا ته ساڳئي وقت ”فتنه الهندستان“ کي به فعال ڪيو ويو، هن چيو ته ”فتنه الهندستان“ جو مقصد صرف پيسو آهي، ڀارت انهن کي افغانستان ۾ موجود آمريڪي هٿيار خريد ڪرائي ٿو، اهڙي طرح ”فتنه الهندستان“ جو به ڀارت سان ڳٺ جوڙ آهي جيڪو واضح ٿي رهيو آهي، ايترا مهانگا هٿيار ڪير خريد ڪري ڏئي رهيو آهي؟ ظاهري طور تي ڀارت فنڊنگ ڪري رهيو آهي، هن چيو ته جڏهن به دهشتگرد گرفتار ٿين ٿا، ته انهن جي قبضي مان انتهائي مهانگا آمريڪي هٿيار هٿ اچن ٿا، هن وڌيڪ چيو ته صرف فوجي فنڊنگ ۽ قتل و غارت نه پر ڀارت جو ميڊيا ونگ به ”فتنه الهندستان“ ۽ "فتنه الخوارج” سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي، ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف وڌيڪ چيو ته خضدار تي بزدلانه حملو ٿيندي ئي ڀارتي سوشل ميڊيا پوسٽون ڪرڻ شروع ڪيون، ۽ پوءِ ڀارتي ميڊيا واقعي جون تصويرون ۽ وڊيوز نشر ڪرڻ لڳو، دنيا ۾ ڪهڙو ملڪ آهي جيڪو دهشتگردي تي جشن ملهائيندو آهي؟ هن چيو ته ”فتنه الهندستان“ جا ترجمان ڀارتي ميڊيا تي ظاهر ٿين ٿا ۽ دهشتگردي جو پرچار ڪن ٿا، اولهه ۽ باقي دنيا به ڄاڻي ٿي ته ڀارت ڪيئن پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪري رهيو آهي، ڊي جي آءِ ايس پي آر هٿيار ڇڏيندڙ بلوچ عسڪريتن ۽ هڪ خاتون خودڪش بمبار جا وڊيو ڪلپس ڏيکاريندي چيو ته هي ”فتنه الهندستان“ جي مڪروهه چهري جو هڪ ٻيو رخ آهي، جيڪو نوجوان عورتن جو استحصال ڪري، انهن کي بليڪ ميل ڪري پنهنجن ناپسنديده مقصدن لاءِ خودڪش بمبار طور استعمال ڪري ٿو، ڀارتي انٽيليجنس ايجنسيون هزارين سوشل ميڊيا اڪائونٽس هلائي رهيون آهن ۽ انهن اڪائونٽن ذريعي هي پروپيگنڊو ڪئي پئي وڃي ته ”فتنه الهندستان“ کي وڏي پيماني تي حمايت حاصل آهي، هن چيو ته هاڻي کلي طور تي ظاهر ٿي چڪو آهي ته بلوچ يڪجهتي ڪميٽي ۽ ماهه رنگ ڀارتي دهشتگردي جون پراڪسيز آهن، بلوچستان ۾ اسان دهشتگردن خلاف انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪري رهيا آهيون ۽ اهو تمام مؤثر طريقو آهي، جنهن کي اسان جاري رکنداسين، دهشتگردن جو بلوچستان ۽ بلوچن سان ڪو به تعلق ناهي ۽ اهي ڪڏهن ڪامياب نٿا ٿي سگهن، بلوچستان کي ”فتنه الهندستان“ ترقي ڪندي نٿو ڏسڻ چاهي، ان ڪري ترقياتي منصوبن کي نشانو بڻائين ٿا، ڇو ته اهي سمجھندا آهن ته جيڪڏهن بلوچستان ترقي ڪري ويو ته انهن کي پنهنجن مذموم مقصدن لاءِ ڪو به ماڻهو نه ملندو، ڊي جي آءِ ايس پي آر ڀارت جي طرفان سکن جي مقدس ماڳن تي ميزائل حملي جي الزام بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته ڀارت امرتسر ۾ سکن جي مذهبي ماڳن کي نشانو بڻايو ۽ ننڪانه صاحب ۾ به ڊرون حملي جي ڪوشش ڪئي جيڪا اسان ناڪام بڻائي ڇڏي، اسان سکن جي مقدس ماڳن جي حفاظت ڪندا آهيون ۽ انهن جو خيال رکندا آهيون، ان موقعي تي وفاقي گهرو سيڪريٽري محمد خرم آغا سوال جي جواب ۾ چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي جا واقعا وڌي رهيا آهن، جيئن سانحو اي پي ايس کانپوءِ آپريشن ضرب عضب شروع ڪيو ويو هو، تيئن ”فتنه الهندستان“ خلاف به آپريشن جي منصوبابندي ٿي رهي آهي ۽ انهن دهشتگردن جو صفايو ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.