حيدرآباد(رپورٽر) سنڌو درياهه مان ڪئنالن ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف احتجاج دوران گوليون لڳڻ ڪري زخمي ٿيل نوجوان قومپرست ڪارڪن عرفان لغاري به زندگي جي جنگ ھارائي ويو، مورو واقعي ۾ فوت ٿيندڙن جو انگ وڌي 2 ٿي ويو آهي، ان کان اڳ نوجوان زاهد لغاري به گوليون لڳڻ ڪري زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي چڪو. مورو ۾ احتجاج دوران پوليس سان چڪرين ۾ زخمي ٿيل نوجوان عرفان لغاري حيدرآباد سول اسپتال جي آءِ سي يو وارڊ ۾ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ داخل هو، ٽن ڏينهن تائين هو موت سان جهيڙيندو رهيو، پر ڪالهه سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پيو ۽ هو زندگي جي جنگ هارائي ويو. ياد رهي ته عرفان لغاري کي زخمي حالت ۾ موري کان نوابشاهه اسپتال آندو ويو هو، جتي سندس طبيعت ۾ سڌارو نه آيو، جنهن کانپوءِ کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد آندو ويو ۽ کيس نيورو سرجري جي انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ رکي سندس مختلف ٽيسٽون ۽ سٽي اسڪين ڪيا ويا هئا ۽ هو مسلسل وينٽي ليٽر تي هو، عرفان لغاري جي فوت ٿيڻ جو اطلاع ملڻ تي جسقم آريسر جو جنرل سيڪريٽري فتاح چنا، سنڌين نيشنل ڪانگريس جو چيف آرگنائيزر ايڊووڪيٽ محب آزاد، جيئي سنڌ تحريڪ جو چيئرمين سورهيه سنڌي، ناميارو اديب تاج جويو، ايڊووڪيٽ اندرجيت لوهاڻو، سنڌو امان چانڊيو، غني امان چانڊيو، ايڊووڪيٽ ڪشش خواجا، حمز علي چانڊيو، رضوان ميمڻ سميت سوين قومپرست ڪارڪن، وڪيل ۽ عورتون سول اسپتال پهتيون، جڏهن ته پوليس جا وڏا اٽالا پڻ سول اسپتال پهچي ويا، پوليس قومپرست ڪارڪن عرفان لغاري جو لاش وارثن ۽ قومپرست ڪارڪنن حوالي ڪرڻ بجاءِ بنا پوسٽ مارٽم جي پاڻ ئي مورو کڻائي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن تان پوليس ۽ قومپرست ڪارڪنن وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي ۽ پوليس جي وڌيڪ نفري سول اسپتال طلب ڪري پوليس پاران اسپتال ۽ مردا خاني جا در ٽوڙي ھلندڙ پوسٽ مارٽم دوران لاش کڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته قومپرست ڪارڪنن ۽ وڪيلن پوليس اهلڪارن سان مزاحمت ڪئي، جواب ۾ پوليس مزاحمت ڪندڙن مٿان لٺبازي ڪندي تشدد شروع ڪري ڏنو، جنهن سبب ڇڪتاڻ وڌي وئي، پوليس ۽ احتجاج ڪندڙن ۾ چڪرين سبب سول اسپتال جنگ جو ميدان بڻجي وئي، جنهن بعد پوليس اهلڪارن ايمرجنسي وارڊ ۽ مرده خاني سميت اسپتال جي مک رستن تي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، قومپرست ڪارڪن ۽ وارث عرفان لغاري جو لاش وصول ڪري مورو روانو ٿيڻ جي تيارين ۾ هئا ته پوليس هڪ ڀيرو ٻيهر ڪارروائي شروع ڪري ڏني ۽ اسپتال ۾ موجود فتاح چنا، سورهيه سنڌي، ايڊووڪيٽ محب آزاد، راھول چولياڻي، شيراز مير، لالا ارسلان، ببلو سومرو، علي خان، عادل لغاري، سوشل ايڪٽوسٽ ايڊووڪيٽ ڪشش خواجا سميت 20 ڄڻن کي تشدد بعد حراست ۾ وٺي نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو ۽ عرفان لغاري جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪرڻ بدران کڻائي وئي، اها ڪارروائي حيدرآباد پوليس جي هڪ ڊي ايس پي جي اڳواڻي ۾ وڏي نفري جي مدد سان ڪئي وئي، پوليس فوتي عرفان لغاري جو مڙهه ايمبولينس ۾ وجهي سخت سڪيورٽي ۾ اسپتال مان رواني ٿي، گرفتارين بعد پوليس ايڊووڪيٽ ڪشش خواجا کي مارڪيٽ ٿاڻي تي جڏهن ته ٻين قومپرست ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي سي آءِ اي سينٽر منتقل ڪيو، ٻئي پاسي شام دير سان پوليس حراست ۾ ورتل جسقم آريسر جي اڳواڻ فتاح چنا، جيئي سنڌ تحريڪ جي سورهيه سنڌي، ايڊووڪيٽ محب آزاد ۽ سوشل ايڪٽوسٽ ڪشش خواجا سميت ڪجھه ماڻهن کي مٽياري لڳ ڇڏي ڏنو، جڏهن ته حراست ۾ ورتل ٻين ڪارڪنن بابت ڪا خبر نه پئجي سگهي ھئي، ٻئي پاسي عرفان لغاري جي لاش جي تذليل ۽ قومپرست ڪارڪنن تي تشدد ۽ گرفتارين خلاف قومپرست ڪارڪنن جي هڪ وڏي انگ سرمد خشڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ واڌو واهه باءِ پاس تي ڌرڻو ھڻي احتجاج ڪيو ۽ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب حيدرآباد باءِ پاس تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي، جڏهن ته گرفتاري بعد آزاد ٿيل ايڊووڪيٽ محب آزاد ۽ فتاح چنا واڌو واهه باءِ پاس تي لڳل ڌرڻي ۾ پهتا، ڌرڻي ۾ سارنگ جويو ۽ سهڻي جويو سميت سوين قومپرست ڪارڪنن موجود هئا، جيڪي قومي ڪارڪنن جي قتل، عرفان لغاري لاش جي تذليل ڪرڻ ۽ گرفتار سميت ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا، ڌرڻو رات دير تائين هي خبر رپورٽ ڪرڻ تائين جاري هو،
لنجار جي گهر کي باهه جي مذمت، تشدد قبول نه ڪبو: شرجيل ميمڻ
ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي گهر کي باهه ڏيڻ واري واقعيجي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي کي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ جي سازش قرار ڏنو آهي.پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ته اهڙا پر تشدد عمل ڪنهن به مهذب سماج ۾ ڪنهن صورت قبولڻ جوڳا ناهن. هن واضح طور تي چيو ته ضياءُ الحسن لنجار هڪ باوقار سياستدان ۽ عوام جو چونڊيل نمائندو آهي ۽ سندس گهر تي حملو رڳو ذاتي نه، پر سنڌ حڪومت تي سڌو سنئون حملو آهي.شرجيل ميمڻ چيو ته هن افسوسناڪ واقعي ۾ ملوث عنصرن کي ڪنهن به صورت معاف نه ڪيو ويندو .
۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا جلد کان جلد ذميوارن کي گرفتار ڪندا ۽ کين عبرتناڪ سزا ڏني ويندي.
سنڌ جا رستا بند ڪري سخت احتجاج ڪيو وڃي: وڪيل اڳواڻ
حيدرآباد: سول اسپتال حيدرآباد ۾ پوليس جي ڪيل ڪارروائي، قومپرست ڪارڪن عرفان لغاري جو مڙهه پوليس پاران پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ ۽ قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ واري واقعي دوران سول اسپتال ۾ موجود وڪيلن اندرجيت لوهاڻو، ڌڻي بخش سولنگي ۽ ذوالفقار ٿيٻو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته چيو ته ضياءُ لنجار جي چوڻ تي پوليس دهشتگردن جيان شهيد عرفان جو لاش پوسٽ مارٽم دوران کنڀي کڻي وئي آهي. ان سان گڏ ڪارڪنن مٿان تشدد ڪندي کين گرفتار ڪيو ويو آهي، اسين سڄي سنڌ جي بارز ۽ سڄاڻ ڌرين کي اپيل ڪريون ٿا ته سنڌ جا سمورا رستا بند ڪري سخت احتجاج ڪيو وڃي، شهيدن جي سڄي ڳوٺ مٿان ڪيس داخل ڪري ڪيترن ماڻھن کي جبري طور گم ڪيو ويو آھي، ٻئي پاسي شھيد ٿيل ڪارڪنن جو اڃا ڪو به فرياد ناھي ورتو ويو، جيڪو سندن آئيني حق آھي، اسان ھن عمل کي سڌي دھشتگردي ۽ بربريت سمجھون ٿا، سنڌ دشمن قوتون درياھه ۽ زمينن خاطر ڪيل جدوجھد جو سنڌ کان پلاند وٺڻ گھرن ٿيون. ھن ڪارروائي جو مقصد سنڌ ۾ ڏھڪاءُ پيدا ڪرڻ، سنڌ جي زمينن تي والار ۽ ڪينالن خلاف پرامن جدوجھد کي روڪڻ جي ڪوشش آهي. پر اسين اهو واضع ڪيون ٿا ته اسان ڪنھن به صورت ۾ پنھنجي درياھه، زمينن ۽ وسيلن خاطر هلندڙ تحريڪ کي ماٺو ٿيڻ نه ڏينداسين.
آمريتي دورن ۾ به انساني حقن جي ايڏي لتاڙ نه ٿي: رياض چانڊيو
حيدرآباد(رپورٽر) جيئي سنڌ محاذ جو ھنگامي اجلاس سخي ستار ڏنو چولياڻي ھائوس تي ٿيو. اجلاس ۾ ڳالھائيندي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو ته مورو سانحي جي شھيد عرفان لغاري جو لاش کڻي گم ڪرڻ شرمناڪ ۽ انسانيت سوز عمل آھي، جنھن جي جيتري مذمت ڪجي گھٽ آھي، ھي حڪمران جلاد بڻجي ويا آھن. معصوم نوجوانن کي گولين جي بک بنائڻ کانپوءِ سندن لاشن جي توھين ڪندي انھن کي پوليس حراست ۾ ورتو پيو وڃي، آمريتي دورن ۾ به ايتري انساني حقن جي لتاڙ نه ٿي جيڪا ھن نام نھاد جمهوريت جي دور ۾ ٿي رھي آھي. سنڌ جي ماڻھن جي غير قانوني ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جاري پرامن جھدوجھد جو رخ موڙڻ لاءِ ھٿ سان تشدد جا واقعا ڪرايا پيا وڃن. ھن چيو ته سنڌ جي قومي وجود درياهه، وسيلن ۽ زمينن مالڪي سميت بيگناھه شھيد ڪيل قومي ڪارڪنن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ احتجاجي تحريڪ تيز ڪنداسين.
اڄ مظاهرن ۽ سڀاڻي هڙتال جو اعلان
حيدرآباد(رپورٽر)جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي ۾ شامل جماعتن جيئي سنڌ قومي محاذ شهيد بشير،جيئي سنڌ محاذ، جيئي سنڌتحريڪ، جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر ۽ جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت جي ڪردار ۽ آمراڻي رويي، شهيد عرفان لغاري جي لاش جي تذليل ڪرڻ, قومي ڪارڪنن جي شهادتن ۽ گرفتارين خلاف اڄ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن ۽ 25 مئي آچر جي ڏينهن سڄي سنڌ ۾ پرامن عام هڙتال جو سڏ ڏنو ويو آهي. ان سلسلي ۾ جسقم شهيد بشير خان جي چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي،رياض چانڊيو، نواز خان زنئور، فتاح چنا, تاج جويو ۽ ٻين سان گڏجاڻي بعد وڊيو بيان جاري ڪندي چيو ته سنڌ ۾ جھنگ جو راڄ قائم ڪيو پيو وڃي، ھاڻي اھڙو وقت اچي ويو آھي جو شھيدن جا لاش به کنڀيا پيا وڃن، اھا سڌي بربريت آھي جيڪا ڪنهن به ريت قبول نه ڪنداسين. ھن چيو ته موري ۾ سنڌ سرڪار پاڻ پرامن تحريڪ کي پرتشدد بڻايو آھي. اسان جي قومي ڪارڪنن کي گوليون ھڻي شھيد ڪيو ويو ،سنڌ حڪومت پاڻ سنڌ جون حالتون خراب ڪرڻ چاھي ٿي. هن چيو ته سڄي سنڌ مان قومي ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آھن انھن کي فوري آزاد ڪيو وڃي،پرامن جدوجهد ئي اسان جو وڏو هٿيار آهي.
ڪئنالن جو معاملو احتجاج سان نه پر پاڻي ٺاهه موجب ئي حل ٿيندو:خواجا سعد رفيق
اسلام آباد(بيورو+م ڊ) ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته ڪئنالن وارو معاملو روڊن تي نه پر 1991ع واري پاڻي ٺاهه تحت ئي حل ٿي سگهي ٿو، ڪو به صوبو ڪنهن ٻئي جو حصو نه کڻي، پاڻي برابري جي بنياد تي ورهائڻ گهرجي، فيصلو ٿي ويو آهي ته صوبن جي مشاورت سان کانسواءِ ڪا به تعمير نه ٿيندي، پر هر آئي ڏينهن تي ڪئنالن واري مامري تي روڊ بند ڪرڻ، بندرگاهه مان سامان کي پنجاب آڻڻ کان روڪڻ،پنجاب جي واپارين کي مالي نقصان پهچائڻ واري عمل کي ڪنهن به ريت برداشت نه ڪنداسين، هن چيو ته هي سياسي احتجاج نه پر قوم پرستي جي نالي تي سنڌي عوام کي گمراهه ڪري ۽ علائقائي تعصب کي هوا ڏئي پنهنجي ناڪام سياست کي چمڪائڻ جي خوفناڪ سازش آهي، هن چيو ته ادارا سمهڻ بدران رستا کولرائين پنجابين کي ردعمل طرف نه ڌڪيو وڃي.
سياسي شعور کي رياستي طاقت سان ڊيڄاري نٿو سگهجي:زين شاهه
حيدرآباد(رپورٽر)سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاھ چيو آھي ته ايس يو پي مورو واري احتجاج کانپوءِ شهيد ٿيندڙ ٻن قومي ڪارڪنن زاهد لغاري ۽ عرفان لغاري جي بي رحماڻي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي. هي خونريزي ۽ بربريت سنڌ سرڪار پاران پرامن سياسي جدوجهد خلاف رياستي دهشت گردي جو واضح ثبوت آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته اسان جو واضح مطالبو آهي ته سنڌ حڪومت، ان جو گهرو وزير ۽ سندس سرڪاري تحفظ هيٺ هلندڙ خانگي هٿياربند ٽولا جن هن حملي جي رٿابندي ڪئي ۽ ان تي عمل ڪيو، انهن خلاف فوري طور قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي. اسان شهيد زاهد لغاري ۽ شهيد عرفان لغاري جي گهر وارن سان تعزيت ڪيون ٿا. اهي ٻئي اسان جي زمين، پاڻي ۽ وسيلن جي حفاظت جي جدوجهد جا شهيد آهن ۽ سندن قرباني رائگان نه ويندي. هن چيو ته اسان پيپلزپارٽي جي حڪومت کي خبردار ڪريون ٿا ته سنڌ جي سياسي شعور رکندڙ عوام کي رياستي طاقت سان ڊيڄاري نٿو سگهجي.
سنڌ ۾ تشدد ۽ لاشن جي بي حرمتي برداشت نه ڪئي ويندي:صنعان قريشي
حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قریشي حيدرآباد سول اسپتال جي واقعي جي مذمتڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ تشدد ۽ لاشن جي بي حرمتي برداشت نه ڪئي ويندي، شهيد نوجوان عرفان لغاري، زاهد لغاري جو ڪيس وارثن جي مرضي موجب داخل ڪيو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته شهيد بشير خان قريشي جو ڪيس سنڌي قوم جي عدالت ۾ آهي، جنهن سان تاريخ ضرور انصاف ڪندي، شهيد جي ڪيس جي 13 سالن کان پوئيواري ڪري رهيا آهيو پر ڪورٽون پٽيشن هلائڻ لاءِ تيار ناهن،جڏهن ته اڄ شهيد بشير خان قريشي جي قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جي پٽيشن تي حيدرآباد هاءِ ڪورٽ سنڌ نمبر پنج ۾ سيد فياض الحسن شاھ جي ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن تي ڪورٽ شهيد بشير خان قريشي قتل ڪيس داخل ڪرڻ جي پٽيشن جو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي هوڏانهن جسقم مرڪزي پڌرائي ۾ جساف سنڌ يونيورسٽي جي صدر مور شاھ ۽ ڪنڌ ڪوٽ،ڪشمور جسقم ضلعي صدر والي ڏنو جي پٽ بشير خان ۽ جسقم ڪارڪن آصف مهمداڻي مٿان داخل ڪوڙن ڪيسن جي مذمت ڪئي وئي.
ٽنڊي الهيار ۾ جسقم ۽ جيئي سنڌ محاذ جو ڌرڻو
ٽنڊوالهيار (رپورٽ : حسرت لغاري) ٽنڊوالهيار جيئي سنڌ محاذ ۽ جسقم شهيد بشير خان قريشي پاران حيدرآباد ۾ پوليس پاران سج لٿي بعد شهيد عرفان لغاري جي لاش کي کنڀڻ ۽ وڪيلن سميت قومي ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف ڪيريا شاخ بائي پاس روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون ۽ حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. انهي موقعي تي اڳواڻن زاهد لغاري، وقار بوزدار، نثار مگسي ۽ ٻين چيو ته موري ۾ احتجاج دوران گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيل عرفان لغاري جيڪو حيدرآباد جي اسپتال ۾ داخل هو ۽ زخمن جا سور نه سهيندي فوت ٿي ويو. پر افسوس آهي سنڌ پوليس تي ۽ پ پ حڪومت تي جو فوتي جو لاش وارثن کي ڏيڻ بجاء کنڀي وئي ۽ اتي موجود وڪيل ۽ قومي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو. هنن مطالبو ڪيو ته گرفتار قومي ڪارڪنن ۽ وڪيلن کي فوري طور آزاد ڪري شهيد عرفان لغاري جو لاش وارثن حوالي ڪيو وڃي.
شھيد عرفان لغاري جو لاش تحويل ۾ وٺڻ خلاف مظاهرا
حيدرآباد(نمائندا) حيدرآباد پوليس پاران شھيد عرفان لغاري جي لاش کي زبردستي کڻڻ سميت قومي ڪارڪنن ۽ وڪيلن جي گرفتاري خلاف ٺٽي ۾ جيئي سنڌ تحريڪ(ڪرناڻي) پاران پريس ڪلب ٺٽو اڳيان راول ڪرناڻي، فرھاد ميمڻ، يوسف خشڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري پوليس جي بربريت خلاف زوردار نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙي ڇڏيا آھن، ھڪ طرف ھٿين خالي نوجوانن تي گوليون ھلائي کين شھيد ڪيو ويو ته ٻئي طرف شھيد عرفان لغاري جو لاش حيدرآباد پوليس زبردستي لاش کڻي وئي آھي، ان سان گڏ قومي ڪارڪنن ۽ وڪيلن کي پڻ کنڀي گم ڪيو ويو آھي، ھنن چيو ته سنڌ ۾ جمھوريت جي نالي تي بدترين آمريت قائم ڪئي وئي آھي، جتي ھاڻي شھيدن جا لاش به محفوظ ناھن، وارھ ۾ قومي ڪارڪنن عطاءُ محمد گائينچو، حبدار سنڌي، غفار مرکنڊ، برهان راڌاڻي ۽ ٻين طرفان پارٽي جهنڊا کڻي احتجاج ڪيو ويو، ٽنڊو محمد خان ۾ جسقم آريسر طرفان سڪندر سنڌي، لياقت سومرو، ساحل سنڌي، قومپرست اڳواڻ عنايت ڪنڀار،سماجي اڳواڻ زاهد جسڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.