اوپن اي آءِ جوني آيو ۽ سام آلٽمين جي ڪمپني ”آءِ او“ خريد ڪري ورتي، اسڪرين کان سواءِ نئين اي آءِ ڊيوائيس تي ڪم جاري
چيٽ جي پي ٽي تيار ڪندڙ ڪمپني اوپن اي آءِ، ايپل جي اڳوڻي ڊيزائن چيف جوني آيو ۽ اوپن اي آءِ جي سي اي او سام آلٽمين جي گڏيل ڪمپني ’آءِ او‘ کي اربين ڊالرن عيوض خريد ڪري ورتو آهي.
آءِ او ڪمپني 2024ع ۾ ان مقصد سان قائم ڪئي وئي هئي ته هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي ( اي آءِ ) تي ٻڌل اهڙيون منفرد ڊيوائيسز تيار ڪيون وڃن، جن ۾ اسڪرين نه هجي ۽ واهپيدار آواز ذريعي اي آءِ اسسٽنٽ سان رابطو ڪري سگهن.
اوپن اي آءِ هڪ بلاگ پوسٽ ۾ تصديق ڪئي آهي ته آءِ او ڪمپني هاڻي ان جو حصو بڻجي وئي آهي، جڏهن ته جوني آيو ۽ سندس ڊيزائن ٽيم به اوپن اي آءِ سان سلهاڙجي ويئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، هاڻي اهي سڀئي ٽيمون گڏجي اهڙيون هارڊويئر ڊيوائيسز تيار ڪنديون، جيڪي ماڻهن کي اوپن اي آءِ جي ٽيڪنالاجيز سان وڌيڪ آسانيءَ سان ڳنڍڻ ۾ مدد ڏينديون.
ميڊيا رپورٽن موجب، اهو معاهدو اٽڪل 6.5 ارب ڊالرز ۾ ٿيو آهي، پر اوپن اي آءِ طرفان ان جا مالي تفصيل ظاهر نه ڪئي ويا آهن، معاهدي لاءِ ريگوليٽري منظوري اڃا باقي آهي.
ياد رهي ته جوني آيو کي آءِ فون جي ڊيزائن جي ڪري ڄاتو ويندو آهي، جڏهن ته سام آلٽمين سان گڏ هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته سندن ڀائيواري جو مقصد اهڙا حيران ڪندڙ پراڊڪٽس تيار ڪرڻ آهي، جيڪي انسانيت جي بهتريءَ لاءِ ڪم اچي سگهن.
جوني آيو 2019ع ۾ ايپل کي الوداع چيو هو ۽ ان کان پوءِ پنهنجي ڊيزائن ڪمپني ” لوَ فورم“ قائم ڪئي، جنهن کانپوءِ سام آلٽمين سان گڏجي آءِ او نالي ڪمپني جو بنياد وڌو.
فيبروري 2025ع ۾ هڪ انٽرويو دوران سام آلٽمين ٻڌايو هو ته اوپن اي آءِ، سمارٽ فونز جي متبادل ڊيوائيسز تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن کي مستقبل ۾ چيٽ جي پي ٽي اي آءِ ڊيوائس طور متعارف ڪرايو ويندو.
واضح رهي ته في الحال اِهو ناهي ٻڌايو ويو ته ڄاڻايل ڊيوائس ڪڏهن متعارف ڪرائي ويندي ۽ ڪيستائين واهپيدارن کي دستياب هوندي.
اوپن آءِ اي سمارٽ فون ۾ انقلابي تبديليون آڻڻ لاءِ اهم ڪمپني خريد ڪري ورتي
You might also like