گوگل پنهنجي مقبول ترين ويب برائوزر ”ڪروم“ ۾ جيمنائي آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ماڊل شامل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو واهپيدارن لاءِ نئون ۽ هوشيار برائوزنگ اسسٽنٽ ثابت ٿيندو.
هيءَ نئين تبديلي گوگل جي سالياني ڊيولپر ڪانفرنس دوران ڪئي وئي، جنهن تحت واهپيدارن کي جيمنائي جي ذريعي ڪنهن به ويب پيج يا ٽاسڪ کي آسانيءَ سان سمجهڻ ۽ مختصر وقت ۾ اهم ڄاڻ تائين پهچ حاصل ٿيندي.
گوگل موجب، ڪروم جي مٿين ساڄي ڪنڊ ۾ هڪ نئون ”جيمنائي آئڪون“ شامل ڪيو ويندو، جنهن تي ڪلڪ ڪري واهپيدار اي آءِ اسسٽنٽ سان ڳالهه ٻولهه يعني چيٽ ڪري سگهندا.
شروعاتي مرحلي ۾ جيمنائي صارفين کي ويب پيج ۾ موجود پيچيده تفصيلن بابت وضاحت ڏيڻ ۽ انهن جي سمري تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪندو، مثالي طور جيڪڏهن توهان ڪنهن ويب پيج تي ڪا کاڌي جي ترڪيب پڙهي رهيا آهيو ته توهان جيمنائي کان پڇي سگهو ٿا ته ”انهيءَ کاڌي کي ڪنهن ٻئي طريقي سان ڪيئن تيار ڪري سگهجي ٿو؟“
هي اي آءِ اسسٽنٽ ٻين ڪيترن ئي مقصدن لاءِ پڻ استعمال ڪري سگهجي ٿو، جهڙوڪ معلومات جي تجزيي، هدايتن جي سمجهاڻي يا مواد جي تخليق وغيره
في الحال گوگل جو اهو نئون فيچر شروعاتي طور تي آمريڪا ۾ ”گوگل اي آءِ پرو“ ۽ ”گوگل اي آءِ الٽرا“ سبسڪرائيبرن لاءِ متعارف ڪرايو پيو وڃي.
ماهرن موجب، گوگل جو هي قدم ان مقصد لاءِ کنيو ويو آهي ته جيئن واهپيدارن کي ”چيٽ جي پي ٽي“ بدران پنهنجي برائوزر جي اندر ئي اي آءِ بوٽ جي سهولت ملي سگهي ۽ هو ڪنهن ٻئي پليٽفارم تي وڃڻ بدران ترت معلومات تائين رسائي حاصل ڪري سگهن.
گوگل جو چوڻ آهي ته مستقبل ۾ جيمنائي اسسٽنٽ ڪروم ۾ هڪ ئي وقت ڪيترن ئي ٽيبز ۾ ڪم ڪري سگهندو ۽ واهپيدار جي هدايتن پٽاندڙ مختلف ويب سائيٽن تي نيويگيشن پڻ ڪري سگهندو.