ضياءُ لنجار جي گهر تي حملي خلاف ٺهراءُ پيش، سنگين دهشتگردي ڪئي وئي: سعيد غني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ۾ صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن جي گهر تي حملي خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو ويو.
صوبائي وزير سعيد غني پاران ضياءُ الحسن لنجار جي گهر تي حملو ڪندڙن خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو ويو.
سعيد غني چيو ته ضياءُ الحسن لنجار جي گهر تي حملو ڪري ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين قبضو ڪيو ويو، گهر ۾ ماڻهن کي يرغمال بڻائي تشدد ڪيو ويو، جيڪا سنگين دهشتگردي آهي.
هن چيو ته ماڻهن وڳوڙ ۽ تشدد ڪرڻ به احتجاج جو حصو سمجهي ورتو آهي، ڪينالن تي مسئلي تي پ پ کي گهٽ وڌ ڳالهايو ويو ۽ پرتشدد احتجاج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، صدر آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري ڏاهپ سان ڪينالن جو معاملو حل ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.