ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سپر اسٽار اداڪارا ماهرا خان بالي ووڊ ۾ ٻيهر ڪم ڪرڻ بابت چيو آهي ته هن وقت اسان کي پنهنجي انڊسٽريءَ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.
اڄڪلهه ماهرا خان ۽ اداڪار همايون سعيد هن وقت آمريڪا ۾ پنهنجي فلم ”لوَ گرو“جي مشهوري مهم ۾ رڌل آهن، جتي هڪ تقريب دوران شرڪت ڪندي مداحن جي سوالن جا جواب ڏنا.
تقريب ۾ هڪ عورت هن کان پڇيو ته ڇا هوءَ بالي ووڊ ۾ ٻيهر ڪم ڪندي؟ جنهن تي ماهرا خان جواب ڏيندي چيو ته ” مونکي لڳي ٿو ته هن وقت اسان کي پنهنجي انڊسٽريءَ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.“
اداڪارا چيو ته ” مان انهن ماڻهن مان نه آهيان جيڪي ثقافت کي رد ڪرڻ يا بائيڪاٽ تي يقين رکن ٿا، پر موجوده صورتحال سبب اسان سڀ ٿورڙا جذباتي ٿي ويا آهيون.“
هن وڌيڪ چيو ته ” اهڙين حالتن ۾ سخت موقف اختيار ڪرڻ بدران اسان کي پنهنجن حالتن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، هي ملڪ اسان جو آهي، جيڪو اسان جي محفوظ جاءِ آهي، اسان کي پاڻ تي ۽ پاڪستان تي سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي.“
واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ دوران ڀارت نه رڳو پاڪستاني فنڪارن تي پابندي لڳائي آهي، پر ميوزڪ البمز مان به پاڪستاني فنڪارن جون تصويرون هٽايون ويون آهن.
You might also like