اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پاڪستان ٽي ٽي پي ۽ بي ايل اي جي دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي.
سينيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي شيري رحمان چيو ته اسان ٻيو اي پي ايس ڏٺو آهي، ٽي ٽي پي کي افغانستان مان ۽ بي ايل اي کي ڀارت جي مدد حاصل آهي، ڇا اسان به اهو ئي ڪيون جيڪو ڀارت ڪيو؟ ڇا اسان به جنگ ڪيون؟
هن چيو ته اسان امن پسند آهيون، هر ڪنهن کي ان جنگ تي سخت ڪاوڙ آهي جيڪا اسان تي مڙهي وئي، ڀارت سويلينز تي حملو ڪيو پر اسان نه ڪيو، ٻنهي ملڪن ۾ دهشتگردي ڇو وڌي رهي آهي اهو ڏسڻو پوندو.
You might also like