ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري ۾ تيزيءَ سان ڪاميابيءَ جون منزلون طئي ڪندڙ يمنيٰ زيدي نئين پروجيڪٽ جي چونڊ کان اڳ مونجهاري ۾ مبتلا رهڻ جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو.
يمنيٰ زيدي، جنهن ڪيترن ئي ڊرامن ذريعي مداحن جي ڌيان کي پاڻ ڏانهن ڇڪايو آهي، تازو ڊرامي ”تيري بن“ جي ذريعي سپر اسٽارز جي فهرست ۾ شامل ٿي چڪي آهي، جنهن کيس رات پيٽ ۾ شهرت جي بلندين تي پهچايو.
ان کانپوءِ اداڪارا ڪيترن ئي سپر هٽ پروجيڪٽن ۾ ڪم ڪيو آهي ۽ هوءَ لکين مداحن جي دلين تي راڄ ڪري رهي آهي.
تازو هڪ تقريب ۾ مداحن سان ڳالهائيندي يمنيٰ زيدي چيو ته هوءَ ڪنهن به ڪم جي چونڊ کان اڳ ٻڏتر جو شڪار ٿي ويندي آهي، ڇو ته ” مان وڏي محنت سان مداحن جي دلين ۾ جاءِ ٺاهي آهي، ڊڄان ٿي ته ڪٿي اَها محبت وڃائي نه ويهان.“
هن وڌيڪ چيو ته اِهو ئي سبب آهي جو هوءَ هر ڪردار جي چونڊ کان اڳ انتهائي احتياط ڪندي آهي ۽ پنهنجي ايندڙ پروجيڪٽ تي ڌيان ۽ ذميواري سان ڪم شروع ڪندي آهي.
يمنيٰ زيدي آخر ۾ مداحن جا ٿورا مڃيندي چيو ته هوءَ جلد ئي هڪ نئين ڪردار ۾ نظر ايندي، جنهن تي ڪم جاري آهي.
ڏاڍي محنت سان مداحن جي دلين ۾ جاءِ ٺاهي اٿم، ڊڄان ٿي ته ڪٿي اها محبت وڃائي نه ويهان: يمنيٰ زيدي
You might also like