عامر نواز ۽ ٻيا وڪيل موري پهچي ويا، عدالت جاچ جو مطالبو

 مورو (رپورٽ :جاني مورائي) نوجوان زاهد لغاري جي بيگناهه قتل تي وڪيل برادري سراپا احتجاج بڻجي وئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ، مورو بار جي وڪيلن ايڊووڪيٽ ڪي بي لغاري، ايڊووڪيٽ قادر ڪورائي ۽ ٻين سان گڏ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي.پريس ڪانفرنس دوران ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ چيو ته زاهد لغاري جي وحشياڻي قتل جي خبر تي کيس گهرو ڏک پهتو آهي، ۽ هو شهيد جي وارثن سان هن ڏکئي وقت ۾ مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو.ھن واقعي کي شديد مذمت جوڳو قرار ڏيندي، عدالتي جاچ جو مطالبو ڪيو ويو ته جيئن بيگناهه نوجوان سان ٿيل ظلم جو انصاف ٿي سگهي. ايڊووڪيٽ عامر نواز  چيو ته شهيد زاهد لغاري جي وارثن پوسٽ مارٽم کانپوءِ قانوني ڪارروائي لاءِ عدالت سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پريس ڪانفرنس جي پڄاڻي تي وڪيلن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ذميوارن کي فوري طور گرفتار ڪري قانون آڏو آندو وڃي، جڏهن ته زخمين جي بهتر علاج کي به يقيني بڻايو وڃي. گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪري انھن مٿان ڪيس ختم ڪيا وڃن

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.