سڀاڻي مورو ۾ ھزارين ماڻھن جي پرامن ريلي ڪڍنداسين: اياز لطيف

حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ جي پرامن قومي جدوجھد کي ڀڃ ڊاھ، تشدد ۽ باهين ۾ تبديل ڪرڻ ۽ بي ھٿيار عام ماڻھن کي شھيد ڪرڻ جي سخت مذمت ڪيون ٿا، سنڌو درياھ تي ڌاڙي، 6 نوان ڪئنال ۽ زمينن جي سودي خلاف ان وقت تائين پرامن جدوجھد جاري رھندي جيستائين سنڌ دشمن منصوبا رد نه ڪيا ويندا، هن چيو ته ھڪ طرف سنڌ ۾ ڏڪار واريون حالتون پيدا ڪيون ويون آھن ٻئي طرف زبردستي ڌاڙيل واھ ھلائي سنڌ جو پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي، سڄي سنڌ ۾ ھٿرادو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج جاري آھن، ھزارين ماڻھو ڌرڻا ھڻي رھيا آھن، مورو واقعي جي ذميوار سنڌ حڪومت آھي، پاڻي لاءِ ھٿين خالي ماڻھن تي گوليون هلايون ويون، عدالت معاملي جو نوٽيس وٺي شھيدن جي وارثن سان انصاف ڪري، هن چيو ته 23 مئي تي مورو ۾ 6 نوان ڪئنال ٺاھي سنڌو درياھ تي ڌاڙو ھڻڻ ۽ زمينن جي سودي خلاف عورتن سميت ھزارين ماڻھن جي پرامن ريلي ڪڍي ويندي، سنڌ جا ماڻھو تشدد کي رد ڪن ٿا، اسين پرامن سياسي عمل ذريعي سنڌ جي حقن جي جدوجھد ڪري رھيا آھيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.