مورو (ن ع آ)احتجاج دوران فائرنگ ۾ مارجي ويل قومپرست ڪارڪن زاهد لغاري جو مڙهه ايمبولينس ذريعي مورو آندو ويو،علائقي ۾ سوڳ ڇانئجي ويو ،مقتول جا عزيز، لغاري برادري جا ماڻهو ۽ قومپرست تنظيمن جا ڪارڪن وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ويا.زاهد لغاري جي قتل خلاف سخت احتجاج ڪندي مظاهرين قومي شاهراهه گچيرو باءِ پاس تي لاش رکي ڌرڻو هنيو. ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن جو مطالبو هو ته زاهد لغاري جي قاتلن کي فوراً گرفتار ڪيو وڃي ۽ کين سخت سزا ڏني وڃي. مظاهرين سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل اختيارين تي زور ڏنو ته واقعي جو ترت نوٽيس وٺي انصاف ڏنو وڃي. ٻئي پاسي پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ جلد حقيقتون عوام آڏو آنديون وينديون. تنهن هوندي، مظاهرين جاچ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جي شفاف انڪوائري ڪئي وڃي ۽ زاهد لغاري کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.
-
مورو واقعي خلاف سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جي ريلي
ڄامشورو( ڊ ر )مورو ۾ بيگناھ شهرين سان ٿيل زيادتين ۽ مبينا پوليس ظلمن خلاف ڄامشورو ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن پارانسخت احتجاج ڪيو ويو. شاگردن زيرو پوائنٽ کان انڊس هاءِ وي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي، جنهن دوران هنن انصاف جي حق ۾ ۽ پوليس گردي خلاف زور دار نعرا هنيا. ريلي سنڌالاجي گيٽ سامهون پهچي ڌرڻي جي شڪل اختيار ڪري وئي، جتي شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. احتجاج ڪندڙ شاگردن طرفان "مورو سانحي جي جاچ ڪرائي انصاف ڏنو وڃي”، "پوليس جي بي رحماڻين خلاف آواز بلند ڪريو”، ۽ "انساني حقن جي ڀڃڪڙي بند ڪريو” جا نعرا درج هئا.ان موقعي تي شاگرد اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته مورو ۾ جيڪو واقعو پيش آيو، اهو انسانيت سان ظلم آهي، جنهن جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نٿِي ڏئي سگهجي.
-
حيدرآباد ۾ وڪيلن جو ڪٺ،پوليس تشدد جي مذمت
حيدرآباد: حيدرآباد ۾ وڪيل ھنگامي بنيادن تي عدالت جي احاطي ۾ گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويا آھن ٻٻرلو ڌرڻي جي مک ڪردار ايڊووڪيٽ ڪي بي لغاري موري ۾ ٿيل پوليس تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته حڪومت تشدد تي لھي آئي آھي اسين اھڙين پوليس جي پرتشدد ڪاررواين خلاف سنڌ جي عوام سان گڏ آھيون
-
ڄامشوري ۾ ارسلان خاصخيلي جي آزادي لاءِ سياف جي ريلي
ڄامشورو( ڊ ر ) ڄامشورو ۾ سنڌ يونائٽينڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ( سياف ) جي سڏ تي سنڌ يونيورسٽي شاگردن پاران جبريطور کنڀي گم ڪيل شاگرد اڳواڻ ارسلان خاصخيلي جي آزادي لاءِ شاگردن ۽ ڪارڪنن طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي سي سي لان کان شروع ٿي سينٽرل لائبريري تائين پُرامن ڪڊي وئي جنھن ۾ وڏي انگ ۾ شاگردن، سياسي سماجي ڪارڪنن ۽ شرڪت ڪئي.احتجاجي ريلي دوران شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کنيا هئا، جن تي "ارسلان خاصخيلي کي آزاد ڪيو”، "شاگردن جي آواز کي نه دٻايو”، "جبري گمشدگيون بند ڪيو” جھڙا نعرا لکيل هئا. ان موقعي تي سياف جي اڳواڻن سيد فرمان شاه, آفتاب سنڌي ۽ درشهوار چنا خطاب ڪندي چيو ته ارسلان خاصخيلي جو قصور رڳو اهو آهي ته هو شاگردن جي حقن لاءِ آواز اٿاري ٿو
-
گهرو وزير موري ۾ احتجاج ۽ گاڏيون ساڙڻ جو نوٽيس ورتو
مورو(ن ع آ) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ر مورو ۾ احتجاج ۽ گاڏيون ساڙڻ جو نوٽيس ورتو ايس ايس پي نوشهروفيروز کان تفصيل طلب ڪندي چيو آهي ته امن امان خراب ڪرڻ ۽ قانون جي رٽ چيلينج ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي امن خراب ڪندڙن خلاف ضلعي سطح تي پوليس کي حرڪت ۾ آندو وڃي. شهرين جي ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙ شرپسندن جي نشاندهي ڪري قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي