نوشهرو فيروز/ مورو/ فيض گنج (رپورٽ: جاني مورائي+ عتيق الرحمان وسطڙو+ ظھير خاصخيلي ) مورو ۾ قومي شاهراهه تي قوم پرست جماعت پاران سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف قومي شاهراهه تي احتجاج دوران حالتون سخت خراب ٿي ويون. پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ سخت ڇڪتاڻ دوران لاٺي چارج، فائرنگ ۽ پٿراءُ جا واقعا پيش آيا. قومپرست جماعت جا چار ڪارڪن زخمي ٿيا جنھن م ھڪ ڪارڪن زاھد لغاري شھيد ٿي ويو آهي. جڏهن ته ايس ايڇ او سميت ٽي پوليس اهلڪار به زخمي ٿيا. مظاهري دوران شديد تشدد ۽ نقصان احتجاج دوران پوليس مظاهرين کي منتشر ڪرڻ لاءِ هوائي فائرنگ ڪئي ۽ ڪيترن ئي مظاهرين کي گرفتار ڪيو ويو. ڪجهه وقت لاءِ شاهراهه کولڻ بعد ٻيهر وڏي انگ ۾ مشتعل مظاهرين شاهراهه تي اچي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان دوران پوليس، ٽرالرز ۽ ٻين گاڏين تي پٿراءُ ڪيو .مڇريل ماڻهن پيٽرول ٽينڪر کي باهه ڏئي ڇڏي .مظاهرين سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي لنجار هائوس تي به حملو ڪيو،. پوليس جي غيرموجودگي ۽ نئين نفري طلب ايس ايس پي سنگهار ملڪ موجب، صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ٻين علائقن مان پوليس نفري طلب ڪئي وئي آهي. هوڏانهن مورو واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ زاهد حسين لغاري زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 32 ورهين جو عرفان لغاري، 30 ورهين جو شهمير پڃارو نوابشاھ پي ايم سي اسپتال جي مختلف وارڊن ۾ زير علاج آهن، مورو واقعي جي زخمين کي نوابشاهه اسپتال پهچائڻ تي نوابشاھ اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. موجب مورو واقعي خلاف قومپرست ڌرين پاران مهراڻ هاءِ وي تي پڪاچانگ باء پاس وٽ ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي ۽ سوين گاڏيون قطارن ۾ بيهجي ويون آهن، جڏهن ته صوبائي وزير علي حسن زرداري جي گذرندڙ قافلي مٿان ڪارڪنن پاران پٿراءَ ڪيو ويو آهي جتي وزير جي سڪيورٽي عملي پاران هوائي فائرنگ ڪئي وئي آهي، ۽ صوبائي وزير جو قافلو گذرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.