ضياءَ لنجار جي گهر تي حملو دهشت گردي آهي: بلاول

ڪراچي(رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پ پ شهيد بينظيرآباد جي ڊويزنل صدر ۽ گهرو وزير ضياءَ لنجار جي گهر تي ٿيل حملي کي سخت مذمت جوڳو عمل قرار ڏنو آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار جي گهر تي ٿيل حملو دهشت گردي جي برابر آهي، احتجاج جي آڙ ۾ شرپسندي ڪندڙن جا ناڪام ارادا کلي ڪري سامهون اچي چڪا آهن، بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۾ بدامني پيدا ڪرڻ وارن سازشي عنصرن کي لوهي هٿن سان منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي هدايت ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.