گهوٽڪي ۾ بدامني،ٻن هفتن دوران 3 نوجوان اغوا

گهوٽڪي ( رپورٽ آزاد مھر) گهوٽڪي ضلعي ۾ اغوا وارداتن ۾ هڪ دفعو ٻيهر اضافو ٿي ويو آهي ٻن هفتن دوران گهوٽڪي ضلعي مان وڌيڪ 3 نوجوان اغوا ٿي ويا آهن گهوٽڪي پوليس اغوا وارداتن کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي سرحد ويجهو آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد مان 2 هفتا اڳ ڌاڙيل مهر برادري جي ٻن نوجوانن صدام مهر ۽ جاويد مھر هاسيجو کي اغوا ڪري ويا آهن جڏهن ته 3 ڏينهن اڳ ڌاڙيل ميرپورماٿيلو مان نوجوان وقاص ملڪ کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا گهوٽڪي پوليس مغوين جي بازيابي لاء ڪي به ڪوششون نه ورتيون آهن ان سلسلي ۾ پ پ ضلعي نائب صدر حاجي دادن خان مھر مغوين جي بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي حاجي دادن خان مھر جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ مهر برادري جا 2 نوجوان اغوا ٿي ويا آهن ان کان علاوه ٻيا به اغوا جا واقعا ٿيا آهن هن  مهر قبيلي جي چيف سردار محمد بخش خان مھر ۽ پ پ جي اعلي قيادت کان مطالبو ڪيو ته مغوين کي جلد بازياب ڪرايو وڃي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.