ڪراچي (م ڊ) بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياري جي اسسٽنٽ پروفيسر غلام مرتضيٰ جي پي ايڇ ڊي جي ڊگري جعلي هجڻ جي انڪشاف کانپوءِ سندس تنزلي جا حڪم جاري ڪيا ويا. غلام مرتضيٰ خلاف ٺڳي ۽ لکين رپيا اوڳاڙڻ تي برطرفي جي ڪارروائي به شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ٻئي پاسي لياري يونيورسٽي اڪائونٽ آفيسر عبدالرشيد ملاح کي هراساني جي الزام ۾ معطل ڪري نئين حڪم تائين ڪيمپس ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي هڻي ڇڏي. رجسٽرار پروفيسر غلام مرتضيٰ کي خط لکي ڇڏيو. خط ۾ چيو ويو ته ڊگري هائر ايجوڪيشن ڪميشن کان تصديق کانپوءِ جعلي نڪتي آهي، پيش ٿي وضاحت ڏيو. بعد ۾ سندس ليڪچرار جي عهدي تي تنزلي جا حڪم جاري ڪري نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو.