ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جهڙي هاري اڳواڻ جي اڄ به اسان کي شديد ضرورت آهي

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي اڄ ورسي آهي. پاڻ 21 مئي 1970ع تي جسماني طور تي اسان کان ضرور وڇڙي ويا پر کيس سندس وفات کانپوءِ به نه رڳو سنڌ  جي ليجنڊ طور ياد ڪيو ويو پر سندس ڪمي وقت گذرڻ سان گڏ شديد کان شديد طور محسوس ڪئي وئي. ان جا ٻه وڏا ۽ بنيادي  ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. هڪ سبب اهو آهي ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جن حالتن ۽ مسئلن خلاف جدوجهد ڪئي سي حالتون ۽ مسئلا اڄ به جيئن جو تيئن اوهڙا ئي آهن ۽ ٻيو وڏو ڪارڻ شايد اهو ئي آهي ته سنڌ کي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جهڙو ليڊر وري نه ملي سگهيو آهي ۽ نه ئي شايد وري ملي سگهي.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي شخصيت جو سڀ کان وڏو ۽ انوکو مثال جيڪو هر دور ۾ فخر سان ٻڌايو ويندو آهي يا هاڻي به هر دور جي ايندڙ نسل کي وڏي  ناز ۽ شان مان ٻڌائي سگهجي ٿو، سو اهو آهي ته هن پنهنجي سياست کي اڄ جي سياستدانن وانگر نه ڪاروبار سمجهيو ۽ نه ئي ڪمائڻ جو يا گهر هلائڻ جو ذريعو سمجهيو پر هن ته سياست لاءِ تمام وڏو سرڪاري ڊپٽي ڪليڪٽري وارو عهدو ڇڏڻ جي قرباني ڏني. اهو خاص ڪري اڄ جي سياستدانن لاءِ نه رڳو ناقابل يقين واقعو ۽ ۽ مثال آهي پر هڪ تمام وڏو سبق به آهي ته هن سياست کي پنهنجي ذات لاءِ استعمال نه ڪيو پر سياست کي بي لوث ڪردار عطا ڪيائين. اها ڪا معمولي نه پر انتهائي غير معمولي ڳالهه آهي ته ڪو شخص عوام ۽ مظلوم طبقي لاءِ  ڪامورڪي عياشين جي عرش تان لهي اچي عوام سان پٽ تي ويهي رهي. نئين نسل کي ان واقعي جو پس منظر ٻڌائڻ ضروري آهي ته آخر هن ڊپٽي ڪليڪٽري جو عهدو ڇو ڇڏيو. ٿيو هيئن ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيئن ته مختلف دورن ۾ وڏن سرڪاري عهدن تي رهيو ته کيس عوام سان ملڻ جلڻ ۽ سندن مسئلن ٻڌڻ جو موقعو پيو ملندو هو. سو ڪامريڊ حيدربخش جتوئي کي اهو تجربو پلئه پيو ته اسان جي غريب ۽ مظلوم عوام کي ته پنهنجي بنيادي حقن جي ئي ڄاڻ ناهي نه ئي اهي حق حاصل ڪرڻ جو منجهن شعور آهي سو هن محسوس ڪيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عوام اندر وڃي سندن سياسي شعور وڌائڻ تي ڪم ڪجي ۽ کين سندن بنيادي حقن کي سمجهڻ ۽ ماڻڻ جي تعليم ڏجي ان ضرورت کي محسوس ڪندي ڪامريڊ حيدر بخش  جتوئي ڊپٽي  ڪليڪٽري تان استعيفيٰ ڏئي عوامي سياست شروع ڪئي ۽ ايئن هو هاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو ۽ هارين جي شعور ۽ سندن حقن ڏيارڻ جي جدوجهد ڪئي جيڪا سندس تاريخ ساز ، فخر لائق ۽ عظيم سڃاڻپ بڻي. هن هارين کي رڳو سندن حقن جو شعور ئي نه ڏنو پر کين پنهنجا حق ڏياري به ڏنا ۽ اهي حق حاصل ڪرڻ جو طريقو به ٻڌايو ته رول ماڊل به ٿي ڏيکاريو. هن هارين ۾ ڪهڙي سجاڳي پيدا ڪئي، ڪهڙا حق ڏياريا، ان ڏس ۾ ڪهڙا قانون پاس ڪرايا تن جي تاريخ ڪتابن ۾ لکيل آهي. جيڪا سندس لاڏاڻي کانپوءِ به سونهري اکرن ۾ ورجائبي رهي آهي ۽ جيستائين سنڌ جو وجود آهي ته اها ڳائبي رهبي.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي شخصي تاريخ جو رڳو هاري جدوجهد ۽ هاري اڳواڻ وارو ئي باب ناهي پر هن جو طبقاتي سياسي جدوجهد ۽ سنڌ جي سياسي تحريڪن جو به ڌار باب آهي. جنهن جدوجهد ۾ هن جيل به ڪاٽيا. خاص ڪري ون يونٽ مخالف  تحريڪ وارو سندس حصو مثالي آهي.

 ڪامريڊ حيدربخش جتوئي مزاحمتي شاعري جو به وڏو نالو آهي خاص ڪري سندس شاعري جو ڪتاب جيئي سنڌ جيئي سنڌ ۽ جيئي سنڌ وارو نظم سنڌي شاعري ۾  ماسٽرپيس جي حيثيت رکي ٿو. اهو جيئي سنڌ وارو نظم ئي آهي جنهن سنڌ کي ”جيئي سنڌ“ جو يادگار ۽ تاريخي نعرو ڏنو. ائين درياهه تي لکيل سندس نظم پڻ ريفرنس طور استعمال ٿيندو رهيو آهي. ان شعري ڪتاب کي جيڪڏهن  سياسي ادب به چئجي ته غلط نه ٿيندو.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي کي ڏنل آخري انٽرويو به هر دور ۾ ۽ بار بار پڙهڻ جهڙو آهي. ان انٽرويو ۾ سنڌي قوم جي آئندي بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جو جواب قولن جهڙو آهي. ڪامريڊ حيدربخش جتوئي چيو هو ته سنڌي قوم ريڊ انڊين جهڙي جاهل قوم ناهي جو ڌرتي تان ميسارجي وڃي سنڌي قوم پڙهيل لکيل، تاريخ ۽ تهذيب رکندڙ قوم آهي جيڪا ڪڏهن به ختم نه ٿيندي.  ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جو اهو اظهار رڳو دانشواراڻو ۽ دور انديش ئي ناهي پر سنڌي قوم تي سندس يقين ۽ اعتماد جو به مثالي اظهار هو جيڪو وقت درست به ثابت ڪيو آهي. ڪامريڊ اهو اظهار ان دور ۾ ڪيو هو جڏهن سنڌڙي تنهنجو نانءُ ورتم ڪاريهر تي ڄڻ پير رکيم جهڙي صورتحال هئي، ون يونٽ قائم ٿيل هو . سنڌ جي صوبي توڙي ٻوليءَ تي عتاب نازل هو. پر ڪامريڊ حيدربخش جتوئي کي پنهنجي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي اڻمٽ مستقبل تي ڪمال جو يقين هو ۽ اعتماد هو. ڪامريڊ سوڀي کي ڏنل آخري انٽرويو ۾ سنڌي قوم کي ريڊ انڊين کان مٿانهين قوم قرار ڏئي ۽ ڌرتي جي مٿاڇري تان ڪڏهن به نه ميسارجي سگهڻ جي جيڪا اڳڪٿي ڪئي تنهن ڄڻ ته سنڌي قوم کي نئين جنم وٺڻ جهڙو  حوصلو ڏنو.

ايئن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پنهنجي ذات ۾ پاڻ هڪ انقلاب ۽ استاهه هو. هن جو ڳالهايل هڪ هڪ لفظ هڪ هڪ عمل، هڪ هڪ کنيل قدم انقلاب هو جنهن جي تاريخ ٺهي چڪي آهي. اڄ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي اهڙي سال ورسي جو ڏينهن آيو آهي جڏهن سنڌو درياهه تي حملو ٿي رهيو آهي ۽ سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ وڪرو ڪيون پيون وڃن ته اهڙي وقت ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي ياد ڪرڻ جي معنيٰ هڪ نئون اتساهه وٺڻ آهي. حقيقت ۾ ڏسجي ته اڄ به اسان کي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جهڙي هاري اڳواڻ جي ضرورت آهي.

اچو ته ڪامريڊ جي فڪر ۽ سندس لکڻين مان اتساهه وٺي سندس ڪمي کي پورو ڪريون ۽ کانئس رهنمائي وٺون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.