ذاتي عياشين ۾ رڌل اقتداري سياست

تحرير: ياسمين چانڊيو

سنڌ اسيمبليءَ ۾ تازو پيش ڪيل بل، جنهن تحت ميمبرن لاءِ جمنيزيم، سوئمنگ پول، بيوٽي پارلر، ۽ ٻين تفريحي ۽ سينگارتي مرڪزن جي سهولت جو  بل پاس ڪرائڻ جو ذڪر ڪيو ويو، ان جو مقصد صاف ظاهر آهي ته حڪمرانن کي ڪنهن به صورت ۾ عوام جي ڀلائي نه، پر حڪمران طبقي جي ذاتي عياشين جي وڌيڪ ڳڻتي آهي جيڪا انھن وٽ اڳ ئي موجود آھن.. هي بل نه رڳو ان جو ثبوت آهي ته حڪمران عوام کان ڪيترا پري ھئا ، يقيني ٿي ويا آهن، پر اهو به ظاهر ڪري ٿو ته اهي پنهنجي ذاتي آرام لاءِ ڪھڙي  به قسم جا قانون  ٺاهڻ کان  ڪون  ڪيٻائيندا آهن.

سنڌ جا اسيمبلي ميمبر  جيڪي اڳ ئي  بادشاهت واري زندگي گذاري رهيا آهن، اڄ به عوام جي بنيادي ضرورتن بجاءِ پنهنجي ذاتي سنوار تي ڌيان ڏئي رهيا آهن. جڏهن ملڪ ۾ بيروزگاري عروج تي، صحت جون سهولتون زبون حال، تعليم لاوارث، ۽ ماڻهن لاءِ پيئڻ جو صاف پاڻي به ناياب هجي، تڏهن اسيمبليءَ ۾ جم، سوئمنگ پول، ۽ بيوٽي پارلر لاءِ بل پيش ٿيڻ، هڪ بدترين سياسي بيحسي ۽ اخلاقي ،قومي تباھي جو ثبوت آهي.

سنڌ جي موجوده معاشي صورتحال اهڙي ته نازڪ آهي جو اسپتالن ۾ دوائون ناياب، اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ، ۽ روڊ رستا بيحال آهن. پر ان هوندي به حڪمران طبقي لاءِ نوان ايئرڪنڊيشن آفيس، مهانگيون گاڏيون، ۽ آرامده زندگيءَ جا بندوبست پهرين ترجيح بڻيل آهن. 2024 جي بجيٽ رپورٽ مطابق، سنڌ حڪومت جي ڪل خرچن مان لڳ ڀڳ 25 سيڪڙو سڌي ريت حڪمرانن جي آسائشن، آفيسن جي مرمت، ۽ گاڏين جي خريداري تي لڳايو ويو. ان کان علاوه، ايندڙ بجيٽ کان اڳ اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۾ 75 سيڪڙو کان وڌيڪَ واڌ ڪئي وئي، جڏهن ته عام ملازم جي پگهار وڌائڻ لاءِ صرف اعلان ٿين ٿا، پر عمل نٿو ٿئي.

اهي ميمبر جيڪي پارليامينٽ جي بلند ايوانن ۾ ويهي قومي مفاد جون  ٺلھيون ڳالهيون ڪن ٿا، سي خود غرض ته اڳ ئي آھن پر ھي فيشن ۽ عياشين واري ذاتي مطالبي مان وڌيڪ خود ايترا خود غرض ٿي ويا آهن جو پنهنجن لاءِ بيوٽي پارلر جي اهميت ته سمجهن ٿا، پر سنڌ جي عوام لاءِ دوا خانا، پاڻي، تعليم، ۽ تحفظ جي ڪا به ڳالهه نٿا ڪن. ڇا هي جمهوريت آهي، يا بادشاهت جو اهڙو نئون روپ، جتي شاهوڪار محلن ۾ ۽ غريب ڪچين جهوپن ۾ ساهه کڻي ٿو

حڪمرانن جي قول ۽ فعل ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. چونڊن کان اڳ اهي عوام کي اهڙا سونهري خواب ڏيکارين ٿا، ڄڻ سڀ ڪجهه بدلجي ويندو. پر حقيقت اها آهي ته اهي پنهنجي چالاڪيءَ سان عوام کي اهڙي فريب ۾ آڻين ٿا، جو ماڻهو سندن مانگر مڇ جهڙن لڙڪن ۽ وعدن تي ڀروسو ڪري وٺن ٿا. ووٽ وٺڻ کان پوءِ، اهي حڪمران سانڊي جيان رنگ بدلائي ويندا آهن – جيڪي ڪالهه عوام جا خادم هئا، سي اڄ اقتدار جي نشي ۾ بيحس حڪمران بڻجي بيهندا آهن.

جڏهن ٻٻرلوءِ ۾ ماڻهن پاڻي ۽ زمينن لاءِ ڌرڻو ڏنو، تڏهن حڪمرانن پوليس کي ڪرڙوين رپين جون ايئرڪنڊيشن گاڏيون ڏنيون ويون، جيئن انھن تي ايئرڪنڊيشن گاڏين ۾ ويھي نظر رکجي ڌرڻو ختم ڪرڻ جي سازش رٿي وئي. . اها رقم ڪنهن جي هئي؟ عوام جي. انهن ئي ماڻهن جي، جيڪي سج ۾ تپندي، بنا پاڻيءَ جي، بنا علاج جي، احتجاج ڪري رهيا هئا. پر حڪمرانن لاءِ انهي احتجاج جي وراڻي ۾ ايئرڪنڊيشن گاڏين جو بندوبست وڌيڪ ضروري هو.

هيءَ روش ثابت ڪري ٿي ته حڪمرانن جي نظر ۾ عوام جي تڪليف ڪا اهميت نٿي رکي. جيڪڏهن رکندي ته بجيٽ ۾ غريبن جي بنيادي ضرورتن تي رقم خرچ ٿئي ها، نه ڪي جم ۽ سوئمنگ پولن تي.

اسيمبليءَ جي ڪجهه عورت ميمبرن جي استدعا تي بيوٽي پارلر جي تجويز پيش ڪئي وئي. اهڙي بيحسيءَ جو مظاهرو شايد ئي دنيا جي ڪنهن ٻئي جمهوريت ۾ ملي. جتي عورتون ڳوٺن ۾ ڄمڻ کان اڳي موت سان جنگ ڪن، جتي زالن کي اسپتالن تائين پهچڻ لاءِ ايمبولينس به نه ملي، اتي اقتدار ۾ ويٺل عورتن لاءِ بيوٽي پارلر جي فڪرجو بل پاس ٿئي ٿو.ڪيڏي نه شرم جھڙي ڳالھه آھي.

اها اخلاقي ناڪامي نه رڳو سياسي بدديانتيءَ جي علامت آهي، پر ان مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته حڪمرانن کي صرف پنهنجو چهرو سنوارڻ جي ڳڻتي آهي، جڏهن ته عوام جو چهرو بک، بيماري، ۽ بدحاليءَ سبب ڪراڙو ٿي ويو آھي.سنڌ ۾ گرمي جي شدت وڌي رهي آهي، جتي لُڪَ لڳڻ سبب هر سال سوين ماڻهو مارجن ٿا. پر اسيمبلي ميمبر، جيڪي ايئرڪنڊيشن ڪمرن ۾ ويهي “عوامي نمائندگي” ڪن ٿا، انهن لاءِ گرميءَ جو مطلب صرف ڪُولر جو وڌايل بل آهي. غريب لاءِ اها موت جي هڪ لھر آهي.

هڪ طرف ماڻهو بغير بجليءَ جي راتيون گذارين ٿا، ٻئي طرف اسيمبليءَ ۾ جنريٽر، سولر پينل، ۽ ٿڌي هوا لاءِ بجيٽ مختص ڪئي وڃي ٿي. ڇا اهڙي تڪليفن کان بي پروا حڪمراني کي جمهوريت چئجي؟ يا ظالماڻو مذاق؟

سنڌ جي بجيٽ مان جيڪا رقم تعليم، صحت، پاڻي، يا روزگار لاءِ مقرر آهي، ان جو وڏو حصو فقط فائيلن تائين محدود رهي ٿو، يا وري ٺيڪيداري نظام جي ور چڙهي وڃي ٿو. نتيجي طور، ماڻهو بغير اسڪول، بغير علاج، ۽ بغير تحفظ جي زندگي گذارين ٿا. جڏهن ته حڪمران طبقي لاءِ فنڊ هميشه موجود هوندو آهي ـ ڇا اها آفيس جي مرمت هجي، يا سوئمنگ پول جي تعمير.

يونيسيف جي رپورٽ موجب، سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ 70 سيڪڙو ماڻهن کي صاف پاڻي ميسر ناهي. پر ان جي باوجود، حڪمران طبقي لاءِ جم جي مشينن ۽ پرفيومڊ پارلرن لاءِ رقم ڪڍڻ ۾ دير نٿي ٿئي. هي وسيلن جي ورڇ ۾ ايڏي نابرابري آهي، جيڪا سياسي جرم برابر آهي.

ڇا حڪمرانن ڪڏهن عوام کان پڇيو ته ڇا انهن لاءِ جم ۽ سوئمنگ پول ضروري آهن؟ ڇا عوام جي نمائندگيءَ جي دعويٰ ڪندڙن ڪڏهن پنهنجي تڪ ۾ هڪ به اسپتال ٺهرائي آهي؟ ڇا ڪنهن ميمبر پنهنجي پگهار مان ڪا اسڪالرشپ جاري ڪئي آهي؟ نه. ڇو ته عوام صرف ووٽن جي وقت ياد اچي ٿو، باقي وقت، اهي فقط پنهنجي تصويرن ۽ تقريرن ۾ عوامي بڻجڻ جي اداڪاري ڪندا آهن.

سنڌ جي عوام کي هاڻ انهيءَ سچ کي تسليم ڪرڻ گهرجي ته اهي جن کي ووٽ ڏئي اقتدار تائين پهچائيندا آهن سي  رڳو پنهنجو خيال رکن ٿا. اسيمبليءَ جا بل، فيصلا، ۽ پاليسيون فقط پنهنجي آسائشن لاءِ ٺاھيندا آهن. جم، بيوٽي پارلر، سوئمنگ پول، نئين گاڏين جا ٽينڊر ـ سڀ ڪجهه انهيءَ دليل سان ته “ميمبر به ماڻهو آهن”، پر عوام ته انسان ئي ناهن ڄڻ!

اها روش جيڪڏهن جاري رهي، ته حڪمرانيءَ جي عمارت عوام جي محروميءَ جي زلزلي ۾ زوال جو شڪار ٿيندي. ڇاڪاڻ ته هيءَ رياست عوام جي وسيلن سان هلي ٿي ـ نه ڪي حڪمرانن جي کيسن مان. ۽ جيڪڏهن وسيلن جي ورڇ ۾ انصاف نه ٿيندو، ته پوءِ اها رياست، عوام جي حمايت وڃائي ويهندي

سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر، مرد هجن يا عورتون، پنهنجن محلن، گاڏين، آفيسن، ۽ پارلرن مان ٻاهر نڪرن. اهي پنهنجن تڪن ۾ هڪ ڏينهن بنا پروٽوڪول، بنا گاڏي، ۽ بنا ايئرڪنڊيشن جي گذارين. پوءِ خبر پوندي ته عوام جي زندگيءَ ۾ جم کان وڌيڪ دوا، بيوٽي پارلر کان وڌيڪ ڇت، ۽ سوئمنگ پول کان وڌيڪ پاڻي جي اهميت آهي.ھاڻ وقت اچي ويو آهي، جڏهن عوام کي فقط ووٽ نه، پر سوال ڪرڻ جو به حق استعمال ڪرڻ کپي. ڇو ته جمهوريت جي اصل روح رڳو چونڊن ۾ نه، پر عوام جي ڀلائي ۾ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.