جيئي سنڌ نعري جو باني، عظيم انقلابي، طبقاتي ۽ قومي تحريڪ جو مھندار باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ 7آڪٽومبر1901ع تي فقير الھداد خان جتوئي جي گھر ۾ تعلقي ڏوڪري(اڳوڻي لب درياھ) ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.ڪامريڊ ا ڃان چئن سالن جو ھو ته سندس امڙلاڏاڻو ڪري وئي،کيس سندس پيءٌ ڏاڏي، ڏاڏيءَ ۽ پڦيءَ پاليو.
ڪامريڊ پنھنجي ابتدائي تعليم اباڻي ڳوٺ بکي ديري ۽ پوءِ ڳوٺ پٺاڻ لڳ باقراڻي ۾ سال 1911ع تائين ورتي جتان ھن سنڌي ست درجا پڙھي سنڌي فائينل جو امتحان سڄي سنڌ ۾ پھريون نمبر کڻي پاس ڪيو.موٽ ۾ سرڪارکيس اسڪالرشپ ڏني.ھن لاڙڪاڻي جي مدرسته الاسلام ”ھاڻوڪي گرلس ڪاليج“مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. 1924ع ۾ھن ڊي جي ڪاليج ڪراچي ۾ داخلا ورتي. 1927ع ۾ بي اي جو امتحان ممبئي يونيورسٽي مان پاس ڪيائين.
1928ع م روينو کاتي ۾ ھيڊ منشي مقرر ٿيو. روينيو جي امتحان ۾ سڄي سنڌ م پھريون نمبر آيو ۽ کيس مختيارڪار طور ذميواريون مليون. 1931ع ۾ بدين جومختيارڪار مقرر ٿيونوڪري دوران ڊگھڙي، ڏوڪري،گھوٽڪي ، بدين، ميھڙ ۽ جيڪب آباد ۾ رھيو.گھوٽڪي ۾ نوڪري دوران کيس ٻيو نمبر پٽ ڪامريڊ مظھر جتوئي ڄائو جيڪو پوءِ 1995ع ۾ سنڌ ھاري ڪميٽي جو صدر چونديو جيڪو 1998ع ۾ ڪمون شھيد وٽ ڪالاباغ ڊيم جي خلاف ڌرڻي مھل دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. ھن ڌرڻي جي قيادت ڪامريڊ مظھر، بينظير ڀٽو، امداد محمد شاھ ڪئي ۽ ٻيا ترقي پسند ،قوم پرست،جمھوريت پسند اڳواڻ شامل ھئا.
جڏھن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڊگھڙي ۾ مختيارڪار ھو ته مولوي حاجي محمد لغاري سان سندس ويجھڙائپ ھئي جتي ھو اڪثر ويندو رھندو ھو ھڪ ڀيري مولوي احمد لغاري جي دعوت تي سندس ڳوٺ ويو. مولوي سندس لاءِ کاڌي جو وڏو بندو بست ڪيو.ڀلا ڀلا طعام تيار ڪيا ويا. ڪامريڊ اھي سڀ طعام ھارين نارين ۽ مدرسي جي شاگردن ۾ ورھائي ڇڏيا ۽ پاڻ ٻاجھري جي ماني کير سان کاڌي. سندس ان قدم جي وڏي واکاڻ ٿي اتي ئي ھڪ شاگرد غلام محمد لغاري سندس ان ڪردار کان متاثر ٿيو اھو ئي غلام محمد لغاري سنڌ ھاري ڪميٽي ۾ شامل ٿي سڄي عمر ملڪ ۾ھاري انقلاب ساڻ گڏ قومي،جمھوري ۽ طبقاتي حقن لا جاکوڙيندو رھيو.قيد ۽ بند جون سزائون ڪاٽيون1943 .کان 1944ع تائين اسپيشل رڪوري آفيسرمقرٿيو1944ع ۾ کيس ترقي ڏئي ڊپٽي ڪليڪٽر بڻايو ويو 1945ع ۾ ھن ماڻھن تي ظلم ٿيندي ڏسي نوڪري کي لت ھڻي اچي سنڌ ھاري ڪميٽي م شامل ٿيو
سنڌ جي ھاري تنظيم جوبنياد جيتوڻيڪ 1930ع ميرپورخاص ۾ پيو ۽ان کي 1936ع ٽنڊو ڄام ڪانفرنس سنڌھاري ڪميٽي جونالو ڏئي ان جي جھنڊي ھيٺ ھارين جي حقن جاکوڙ ڪئي پر ان تحريڪ کي ڪامريڊ جتوئي سگھارو ڪرڻ ، ڪاميابيون ڏيارڻ ۽ سنڌ ھاري ڪميٽي کي ملڪ جي سگھاري طبقاتي،قومي ۽جمھوري تحريڪ جو حصو بڻائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو.
1945ع ۾ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي سنڌ ھاري ڪميٽي ۾ شموليت کاپوءِ 3.4مارچ1947ع تي سرھاري ھاري ڪانفرنس ۾ اڌو اڌ بٽئي تحريڪ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ان کي ڪاميابي ڏياري ان کي قانوني تحفظ ڏيارڻ لاءِ سنڌ ٽيننسي ايڪٽ جي تحريڪ ھلائي 1950ع ۾ سنڌ ٽيننسي ايڪٽ (ھارپ جي حقن جو قانون سنڌاسمبلي مان پاس ڪرايواھا سنڌ ھاري ڪميٽي جي ٻي وڏي ڪاميابي ھئي.
ناميارو دانشور علي احمد بروھي لکي ٿو” ھاري انقلاب جي سنيھي کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦھلائڻ ساڻ گڏ ،حيدر بخش جتوئي جو وڏو ڪارنامو ھي ھيو،ته ھن ھارين جاسچا ھڏ ڏوکي ورڪر پيدا ڪيا، ھيءَ سندس خوش نصيبي پڻ ھئي جوکيس پاڻ جھڙا جوشيلا ۽ سرويچ ساٿي مليا جن آخري دم تائين تحريڪ سان توڙ نڀايو“
ڪامريڊ جتوئي جي قيادت ۾ سنڌ ھاري ڪميٽي نه رڳو ھاري انقلاب لاءِ جدوجھد ڪئي پرملڪ جي قومي جمھوري تحريڪ ۾ پڻ قائداڻو ڪردار ادا ڪيو.پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ 1948ع ۾ جڏھن گورنر جنرل محمد علي جناح ۽وزير اعظم لياقت علي خان ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪيوان خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج ھئي.
رتوديروھاري ڪانفرنس جنھن ۾ ڪامريد حيدر بخش جتوئي کي صدرچونڊيو ويو. ان ڪانفرنس ۾ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ خلاف قرارداد پاس ڪندي مرڪز جي آمراڻي فيصلي جي مذمت ڪئي ۽ ٻين ڪيترين ئي ڪانفرنسن ۾ ٺھراءٌ پاس ڪيا ويا. 1955ع ۾ جڏھن سنڌ سميت ٻين قومي وحدتن جي وجود کي ڪاپاري ڌڪ ھڻي.ون يونٽ کي ٿوپيو ويو ته ڪامريڊ جتوئي ان فيصلي خلاف سينو ساھي بيٺو،کيس اينٽي ون يونٽ سنڌ ڪميٽي جو سيڪريٽري چونڊيوويو.سنڌ ھاري ڪميٽي ون يونٽ کي ختم ڪري سنڌ جي وجود کي ٻيھر بحال ڪرائڻ ترجيح بڻائي ڇڏيو.
ڪامريڊ حيدربخش ھن تحريڪ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو.ھن ون يونٽ خلاف فڪري ۽ عملي جدوجھد ڪئي. ون يونٽ خلاف ڪيترائي پمفليٽ لکيا،جنھن جي پاداش ۾ کيس قيد ۽ بند جون سختيون سھڻيون پيون. ان کي سائين جي ايم سيد ھن طرح بيان ڪيو آھي ” 1955ع ۾ ون يونٽ ٺاھڻ وقت ان جي خلاف ڪتاب لکيا ،احتجاجي آواز بلند ڪيو ٺھراءٌ پاس ڪرائين ان جي عيوض اسان سان گڏ کيس جيل موڪليو ويو،پر ھن جي ھمت ۽ اسقلال ۾ ڪابه ڪمي نه ٿي.“ سندس بي لوث جدوجھد سبب کيس نوابشاھ ۾”بابا سنڌ“ جو خطاب ڏنو ويو. 1970ع ۾ ون يونٽ ٽوڙيو ويو ۽ سنڌ صوبي جي بحالي جو اعلان ٿيو. 1959ع ۾ جڏھن ڪراچي يونيورسٽي پارن سنڌي ٻولي جي ذريعي امتحان واري حيثيت ختم ڪئي وئي ته ڪامريڊ جتوئي انگريزي ۾ ھڪ نھايت ئي فڪر انگيز ۽ مدلل پمفليٽ لکيو
.اھڙي طرح جڏھن 1954ع ۾ گورنر جنرل غلام محمد دستور ساز اسمبلي ٽوڙي ڇڏي ته ھن” ڊيموڪريسي اينڊ ڊڪٽيٽر شپ ان پاڪستان“ نالي پمفليٽ لکيو ۽ جڏھن جسٽس منير احمد ان فيصلي جائز قرار ڏنو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ”ڊيموڪريسي اينڊ جسٽس آف چيف جسٽس “ نالي ان خلاف پمفليٽ لکيو.جنھن جي نتيجي کيس گرفتار ڪري سخت سزا ڏني،”ون يونت اينڊ ڊيموڪريسي،ڊسپوزل آف اويڪيو پراپرٽي،اپيل ٽو سٽيزنز آف پاڪستان“سميت ڪيترائي پمفليٽ،انقلابي گيت،ھاري ڪھاڻين ۽ ڊراما لکي عوام جو ڪيس وڙھيو.ان کان سواءِ ھن قران مجيد جو موضوع وارانگريزي ۾ ترجمو ڪيو،ھن جتي ھارين مزدورن ۽ نوجوانن لا گيت لکيا اتي ھن مصطفيٰ جي ماءٌ جي عنوان سان گيت لکي پنھنجي زال جي ڪردار کي ساراهيندي چيو”اي حيدر،گيت پنھنجي زال جا ڳاءِ ! توغالب ۽ شيرازيءِ کي شرماءِ! ان بيت کي 55 سال گذري وڃڻ کان پوءِ به هتي پدرشاهي نظام موجود جتي عورتن کي برابري جو حق حاصل ناهي پر ڪامريڊ جتوئي 55سال اڳ پنهنجي گهرواري لاءِ بيت لکي ٻڌايو جيستائين ملڪ جي آبادي جو اڌ کان وڌيڪ حصو(عورتون) برابري جو حق حاصل ڪري تحريڪن توڙي سماجي ترقي ۾ ڀاڱي ڀائيوار نه ٿينديون ته نه تحريڪون ڪامياب ٿينديون نه وري ملڪ ترقي ڪري سگهندو۔
ھارين ۽ پورھيتن جي ھن عظيم اڳواڻ .پاڪستان جي فاشسٽ حڪمرانن پاڪستان جي نعري تي جڏھن پاڪستان کي قومن جو قيد خانو بڻائڻ ۽ جمھوري آواز کي چيڀاٽڻ واري روش اختيار ڪئي ته ھن پاڪستان زندہ آباد جي عنوان سان گيت لکي پاڪستان جي حڪمرانن کي وائکو ڪيو ته ” ڀريو ڀل قيدخانن کي مارايو مھربانن کي نھوڙيو نقطي دانن کي، ڪريو قابو جوانن کي ته پاڪستان زنده آباد” هارين، پورهيتن ۽ سنڌ سميت مظلوم قومن جو هي محبوب اڳواڻ 21مئي 1970ع تي لاڏاڻوڪري ويو