وفا جو پيمبر ھو باباءِ سنڌ
صداقت جو پيڪر ھو باباءِ سنڌ
ڊنو ڪين جيڪوا ڏمر ڏاڍ کان
سو مرد قلندر ھو باباءِ سنڌ
سياست ته ھن جي ھئي بي مثل
ادب جو به گوھر ھو باباءِ سنڌ
ڪيو جنھن "جيئي سنڌ "جو نعرو بلند
سو سھڻو سخنور ھو باباءِ سنڌ
رکي انسيت ھن "دريا شاھ” سان
سنڌوءِ جو ثناگر ھو باباءِ سنڌ
ھو مظلوم ھارين جو ھڏ ڏوکي ھو
اٻوجھن جو آڌر ھو باباءِ سنڌ
قيادت به جنھن تي ڪري ناز ٿي
اھو قومي رھبر ھو باباءِ سنڌ