ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ سنڌ جي اطلاعات کاتي پاران سال 2019ع ۾ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي جاري ڪيل هڪ ارب 79 ڪروڙ 52 لک روپين جي اشتهارن جي آڊٽ جو حڪم ڏيندي اطلاعات کاتي کان سال 2019ع کان 2025ع جي هلندڙ مهيني تائين پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي اربين روپين جي جاري ڪيل اشتهارن جا تفصيل گهري ورتا آهن، سومر ڏينهن پي اي سيءَ جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت ۾ ڪميٽي روم ۾ ٿيو، اجلاس ۾ سنڌ جي اطلاعات کاتي جي سال 2018ع کان سال 2021ع تائين آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن مخدوم فخر الزمان، طاحه احمد سميت اطلاعاتکاتي واري سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ، اشتهارن واري ڊائريڪٽر ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ڊي جي آڊٽ سنڌ اعتراض اٿاريو ته اطلاعات کاتي پاران سال 2019ع ۾ جاري ڪيل هڪ ارب 79 ڪروڙ 52 لک روپين جي اشتهارن بابت رڪارڊ ۽ بلن جون اٽيسٽيڊ ڪاپيون فراهم نه ڪيون ويون آهن جنهن تي اطلاعات کاتي واري سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ پي اي سي کي ٻڌايو ته آڊٽ کي اشتهارن بابت بلن جون اٽيسٽيڊ ڪاپيون ڏنيون ويون آهن ۽ وڌيڪ رڪارڊ فراهم ڪرڻ لاءِ کاتو پابند آهي، جنهن تي چيئرمين پي اي سي نثار کهڙو چيو ته اِهو اربين روپين جي اشتهارن جو معاملو آهي ان لاءِ پي اي سيءَ کي آڊٽ جو مڪمل رڪارڊ ۽ ڪاغذ گهرجن ۽ اشتهارن جي بلن جون اٽيسٽيڊ ڪاپيون فراهم ڪرڻ کاتي جي ڊي ڊي او جي ذميواري آهي ان لاءِ کليل ڇوٽ ڏئي نه ٿا سگهون، هن وڌيڪ چيو ته اشتهارن جي بلن جون اٽيسٽيڊ ڪاپيون ۽ رڪارڊ وقت تي آڊٽ کي فراهم نه ڪندڙ ڊي ڊي او جي خلاف ڪارروائي ڪريو، جنهن تي اطلاعات واري کاتي جي سيڪريٽري پي اي سي کي درخواست ڪئي ته اٽيسٽيڊ بلن جون ڪاپيون هاڻي فراهم ڪيون آهن ۽ رڪارڊ جي وڌيڪ تصديق لاءِ مهلت ڏني وڃي، ڊي جي آڊٽ سنڌ چيو ته سال 2019ع ۾ جاري ٿيل اشتهارن جي آڊٽ ڪئي ويندي جنهن تي پي اي سيءَ اطلاعات کاتي واري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته سال 2019ع ۾ جاري ٿيل اشتهارن جي بلن جون اٽيسٽيڊ ڪاپيون وقت تي فراهم نه ڪرڻ بابت جاچ ڪري ذميدار آفيسر جو تعين ڪري رپورٽ ڏني وڃي، ان موقعي تي پي اي سيءَ سنڌ جي اطلاعات کاتي پاران سال 2019ع ۾ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي جاري ڪيل هڪ ارب 79 ڪروڙ 52 لک روپين جي اشتهارن جي آڊٽ جي منظوري ڏيندي ڊي جي آڊٽ سنڌ کي اشتهارن جي آڊٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اجلاس ۾ پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو کاتي کان پڇاڻو ڪيو ته گذريل اجلاس ۾ اطلاعات کاتي کان سال 2019ع ۾ ميڊيا هائوسز کي جاري ڪيل اشتهارن جا تفصيل گهريا ويا هئا اُهي تفصيل ڇو نه پيش ڪيا ويا آهن؟ جنهن تي اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري پي اي سي کي ٻڌايو ته ميڊيا هائوسز کي جاري ڪيل اشتهارن جا تفصيل اسان وٽ موجود آهن جيترن سالن بابت تفصيل گهرجن اها رپورٽ پي اي سيءَ کي جمع ڪرائي ويندي جنهن تي پي اي سيءَ سنڌ جي اطلاعات کاتي کان سال 2019ع کان سال 2025ع جي هلندڙ مهيني تائين پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي جاري ڪيل اربين روپين جي اشتهارن جي ڪرائيٽيريا سميت تفصيل گهري ورتا آهن، چيئرمين نثار کهڙو کاتي کان پڇاڻو ڪيو ته پريس ڪلبن کي گرانٽ ڏيڻ جي ڇا ڪرائيٽيريا آهي جنهن تي سيڪريٽري ٻڌايو ته پريس ڪلبن کي جاري ٿيندڙ گرانٽ بجيٽ بوڪ ۾ شامل هوندي آهي ۽ سنڌ جي پريس ڪلبن، صحافين، اي پي اين سي، سي پي اين اِي، يونين آف جرنلسٽس ۽ ٻين صحافتي تنظيمن کي ساليانو 49 ڪروڙ روپين جي گرانٽ ڏني ويندي آهي، ڪراچي پريس ڪلب کي ساليانو 7 ڪروڙ روپيا گرانٽ ڏني ويندي آهي پر ڪراچي، حيدرآباد جي پريس ڪلبن جي گرانٽ سنڌ جي ٻين ڊويزنل پريس ڪلبن جي مقابلي ۾ وڌيڪ آھي ۽ پريس ڪلبن کان آڊٽ رڪارڊ حاصل ڪرڻ کان پوءِ ايندڙ سال جي گرانٽ پوءِ جاري ڪئي ويندي آهي، سيڪريٽري وڌيڪ ٻڌايو ته گرانٽ اِن ايڊ لاءِ هڪ پاليسي ٺاهي وئي آهي جنهن تحت 5 سالن تائين پريس ڪلبن جي گرانٽ ۾ اضافو نه ڪيو ويندو جڏهن ته صحافين کي گرانٽ ڏيڻ بابت ڊويزنل سطح تي ڪميٽيون پڻ ٺهيل آهن جيڪي ڪميٽيون لاڳاپيل صحافيءَ جي درخواست جو جائزو وٺي کاتي کي سفارش ڪنديون آهن جنهن کان پوءِ کاتو گرانٽ بابت اُها سمري ٺاهي منظوريءَ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير کي موڪليندو آهي ۽ وڏي وزير پاران سمري جي منظوريءَ کان پوءِ اُها گرانٽ جاري ڪئي ويندي آهي.