ڪڻڪ خريداري ۾ گهوٻيون، نيب، سي ايم آءِ ۽ اينٽي ڪرپشن وٽ معاملي جي جاچ هلندڙ آهي: خوراڪ کاتو

ڪراچي:خورڪ کاتي واري سيڪريٽري بچل راهوپوٽي روزاني عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته بلڪل اهڙي قسم جي تحقيقات هلندڙ آهي, هن چيو ته نيب , اينٽي ڪرپشن ۽ سي ايم آءِ ٽي الڳ الڳ تحقيقات ڪري رهيا آهن, بچل راهپوٽي چيو ته بشير مينگل ته جيڪي الزام لڳايا آهن انهن ۾ ڪي ثُبوت ناهن اسان پنهنجي رپورٽ ٺاهي ڏيئي ڇڏي آهي ان ۾ ڄاڻايو آهي ته اهڙي قسم جو ڪو فراڊ ناهي ٿيو , بچل راهوپوٽي ٻُڌايو ته بشير مينگل ليٽر ۾ جيڪي الزام لڳايا آهن انهن ۾ هڪ اهو آهي ته هنن خريداري ئي نه ڪئي آهي باقي ڪا خاص چارج ناهي جيڪي چارجز لڳايون اٿس ان جا ڪي ثُبوت ناهن , هن ٻُڌايو ته کاتي جي آفيسرن خلاف ڪوايڪشن ناهي ٿيو, نيب هاڻ سي ايم آءِ جي رپورٽ جو انتظار پئي ڪري ۽ اينٽي ڪرپشن ۾ به ڪيس هلندڙ آهي انڪري ٿي سگهي ٿو ته اينٽي ڪرپشن وٽ جيستائين ڪيس فائنل نٿو ٿئي ان وقت تائين نيب مداخلت نه ڪري پر نيب ليٽر ضرور لکيو آهي اسان انجا تفصيل ڏيئي ڇڏيا آهن جيڪي تمام گهڻا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.