ڪراچي (رپورٽ: خداڏنوشاھ)سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ باوجود 1991ع واري پاڻي ٺاھ جي ڀڃڪڙي ڪندي پنجاب کي ڀرڻ جو سلسلو جاري رهيو، پنجاب جي رڳو تڪراري ٻن فلڊ ڪئنالن کي 27 هزار 460 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويو آهي جڏهن ته سنڌ جي سمورن بئراجن کي فقط 44 هزار 500 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو ويو آهي. روزاني عوامي آوز کي مليل دستاويزن موجب سنڌ سان پاڻي معاملي تي ارسا,واپڊا ۽ پنجاب آبي دهشتگردي ڪري رهيا آهن, پنجاب کي کنڌي تي سمورن ڪئنالن ۾ 1 لک 7 هزار 176 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويو آهي جڏهن ته سنڌ جي ٽنهي بئراجن جي ڪئنالن کي فقط 44500 ڪيوسڪ پاڻي ملي سگهيو آهي. پنجاب تڪراري ۽ غير قانوني چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۾ 19056 ڪيوسڪ ۽ تڪراري تونسا پنجند ۾ 8404 ڪيوسڪ پاڻي کنيو آهي, جڏهن ته ٿل ڪئنال جي کڻت وڌائي 7716 ڪئي آهي. سي آر بي سي جي کڻت پڻ وڌائي 4200 ڪيوسڪ ڪئي آهي, جڏهن ته ڊيرا غازي خان ۾ 5500 ڪيوسڪ , مظفر ڳڙھ ۾ 5500 ڪيوسڪ ۽ ڪڇي ڪئنال ۾ 600 ڪيوسڪ پاڻي کنيو آهي , پنجاب سنڌو درياھ تان 48 هزار 476 ڪيوسڪ, چناب جو سمورو 30700 ڪيوسڪ ۽ جهلم درياھ جي 43800 مان 28 هزار ڪيوسڪ مجوموعي طور تي 1 لک 7 هزار 176 ڪيوسڪ کڻي سنڌ جي نڙي تي لت رکي آهي, ٻئي پاسي پنجاب جهلم تان کڻت 33 هزار مان گهٽائي 28 هزار ڪئي آهي ۽ باقي سمورو پاڻي منگلا ڊيم ۾ جمع ڪيو پيو وڃي , سنڌو, ڪابل, چناب ۽ جهلم درياهن جا وهڪرا بهتر هجڻ باوجود سنڌ کي سڪايو پيو وڃي. سنڌو درياھ جو تربيلا ڊيم وٽ مٿانهون وهڪرو هڪ لک 28 هزار 900 ڪيوسڪ تائين پهتو آهي جتان تربيلا ڊائون مان درياھ ۾ 116900 ڪيوسڪ ڇڏيو پيو وڃي جڏهن ته ڪابل درياھ جو وهڪرو پڻ 40 هزار ڪيوسڪ ٿي ويو آهي پر پنجاب رڳو سنڌ درياھ تان لڳ ڀڳ 50 هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻي رهيو آهي , ٻئي طرف ڪوٽڙي بئراج جي ڪئنالن کي 15700 جي جاءِ تي رڳو 7150 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويو جنهن ڪري ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جي کوٽ 54 سيڪڙو ٿي ويئي آهي سکر بئراج جي ڪئنالن کي 39500 جي جاءِ تي 34800 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويو جتي پاڻي جي کوٽ 12 سيڪڙو ۽ گڊو بئراج جي ڪئنالن کي 6500 جي جاءِ تي رڳو 2500 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو ويو اتي پاڻي جي کوٽ 62 سيڪڙو تي برقرار آهي. هوڏانهن ڊيمن ۾ پاڻي جو ذخيرو 3 ڏهائي 449 ملين ايڪڙ فوٽ ٿي ويو آهي ٻي طرف تونسا بئراج کان گڊو تائين روزاني سنڌ جي حصي مان 26 کان 30 لک ايڪڙ فوٽن جي پاڻي جي چوري برقرار آهي, سنڌ آبادگار بورڊ جي ترجمان اسلم نواز مري روزاني عوامي آوز سان ڳالهائيندي چيو ته ارسا ۽ پنجاب هوڏ تي قائم رهندي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي رهيا آهن ٺاھ مطابق جيستائين سنڌ کي انڊينٽ موجب پاڻي گڊو بئراج تي نٿا ڏين انوقت تائين سنڌ ڀوڳيندي رهندي.